ڪُسَڻَ بابت
معنيٰ
ڪُھڻ، مارڻ. ماڻهوءَ جو جانور جو، قتل ٿيڻ، خون ٿيڻ. ڪسجڻ. حلال ٿيڻ، تڪبير پوڻ. مَرَڻ. قبول پوڻ
To be slaughtered, to die by the sword or knife.
بيتن ۽ وائين ۾
- سُورِي آھِ سِينگارُ، اَصلِ عاشِقَنِ جو، مُڙَڻُ موٽَڻُ ميھَڻو، ٿِئا نِظاري نِروارُ، ڪُسَڻَ جو قَرارُ، اَصلِ عاشِقَنِ سين.[ سُر ڪلياڻ - سُوري، ڪاتي ۽ زھر ]
- اَڳِئان اَڏِنِ وَٽِ، پويَنِ سِرَ سَنباھِئا، ڪاٽِ تَہ پوءِ قَبُولَ ۾، مَڇُڻ ڀانيَين گهَٽِ، مَٿا مَھايَنِ جا، پِئا نَہ پَسيين…[ سُر ڪلياڻ - سُوري، ڪاتي ۽ زھر ]
- سِڪَ نَہ آھي سُٿِرِي، کَڻُ پَرُوڙي پيرُ، ڪُسَڻَ ڌاران ڪيرُ، ڪَري سَڌَ صِراطَ جِي.[ سُر يمن ڪلياڻ - سِڪ ۽ عاشقي ]
- سَختِي شَھادَتَ جِي، مِڙيوئِي مَلارُ، ذَرو ناھِ يَزِيدَ ڏي، عِشقَ جو آثارُ، ڪُسَڻَ جو قَرارُ، اَصلِ اِمامَنِ سين.[ سُر ڪيڏارو - ڏٺو محرم ماھ ]