ڪَنڊا بابت
معنيٰ
ڪنڊي جو جمع، خارَ، سيلَهہ. سُوئا، ڀالا. مڇيءَ جا بلڪل سنهڙا هڏا ۽ پُٺيءَ جا ڪنڊا. هڪ قسم جو ڪنڊن وارا وڻ
Thorns, thorns of thorn tree Prosopis Spicigera, back bones, a pair of scales, fish bones, bones.
بيتن ۽ وائين ۾
- ڪَنڊا مُون پيرَنِ ۾، توڙي لَکَ لَڳَنِ، آڱُرِ آڱُوٺي نَہ مَڙي، ڇِپُون پيرَ ڇِننِ، ويندي ڏُونھِن پِرِيَنِ، جُتِيءَ ذاتِ نَہ…[ سُر معذوري - ھاڙھو پنڌ ]
- ڪَرِ ڪي ڳالِهڙِيُون، ڪَنڊا ڍورَ ڌَڻِيَنِ جُون، ڪَنھِن پَرِ راتِڙِيُون، ڪَنھِن پَرِ ڏِينھَن گُذارِيَئُون؟[ سُر ڏھر - ڪنڊا، ڍور، پٽيھل اڪ ]
- ڪَرِ ڪا ويھِي ڳالِهہ، ڪَنڊا ڍورَ ڌَڻِيَنِ جِي، ھَئَي ھِھَڙي حالَ، ڏُکِئا ڏِينھَن گُذارِيين؟[ سُر ڏھر - ڪنڊا، ڍور، پٽيھل اڪ ]
- ڪَنڊا تو وَٽان، سَچُ ڪِ سيڻَنِ لَڏِئو، مَڃَرُ تو مَٿان، ڇَڻِئو پوئي ڇُڳِيين.[ سُر ڏھر - ڪنڊا، ڍور، پٽيھل اڪ ]
- تو جَي ھُئَڙو وَڍُ، ڪَنڊا ڍورَ ڌَڻِيَنِ جو، ھُوندَ نَہ ڏيِين ڏُٿُ، موري مَڃَرَ نَہ ڪَرِيين.[ سُر ڏھر - ڪنڊا، ڍور، پٽيھل اڪ ]
- تو جَي ھُئَڙو سُورُ، ڪَنڊا ڍورَ ڌَڻِيَنِ جو، مَٿي لامُنِ ٻُورُ، موري مَڃَرَ نَہ ڪَرِيين.[ سُر ڏھر - ڪنڊا، ڍور، پٽيھل اڪ ]
- ڪَنڊا تُون ڪيڏو، جَڏھِن ڀَرِيوئِي ڍورُ وَھي، جَسودَنَ جيڏو، تو ڪو ڏِٺو پَھِيَڙو؟[ سُر ڏھر - ڪنڊا، ڍور، پٽيھل اڪ ]
- سَرَتِنِ سَختَ سَنِيھَڙا، ڏيئِي مُڪا ڏُونھِن مَلِيرَ، آھِينِ عُمَرَڪوٽَ ۾، کَنڊُ مِٺايُون کِيرَ، چَسا کائِي چُورِما، ھِرِيئَن ساڻُ حَمِيرَ، ڪَنڊا…[ سُر مارئي - آڻين چاڙهين، سون برابر سڳڙا ]
- اُڏَءُ آڏِتُ اُڀِرِئو، وانءُ وِھاڻِيءَ ڀَؤُنرَ، سي چيتاريجِ چِتَ ۾، جٖي ڪَنڊا ڌاري ڪَؤُنرَ، مَتان مارِينَئِي ٽَؤُنرَ، تو لَنئُن لَڳو…[ سُر ڪارايل - پاڙون پاتار ۾ ]