ڪَلاچِي بابت
معنيٰ
ڪراچي شھر جو قديمي نالو.
Old name of Karachi city.
بيتن ۽ وائين ۾
- ماڪَ ڀِڄايَنِ مولِهيا، مَٿان راتِ پَئِي، اُجَهڻَ لَڳِيُون اولِيُون، وِئَنِ وَنجَهہ وَھِي، ڪَلاچِيانَ ڪَھِي، ڪَڏِھِين ڪو نَہ آئِيو.[ سُر گهاتو - ڪو جو قھر ڪلاچ ۾ ]
- ڪالَهہ ڪَلاچِيءَ وِئا، گهاتُو ڪَري گهُورَ، مادَرِ مَلاحَنِ جا، ويٺِي سَھان سُورَ، مُون کي ڪَري مَلُورَ، اُونِهي وِئَڙا اوھَرِي.[ سُر گهاتو - ڪو جو قھر ڪلاچ ۾ ]
- ڪالَهہ ڪَلاچِيءَ وِئا، ڇِتِيُون کَڻِي ڇُڳيرَ، ڀائُنِ ڀيرو نَہ ڪِئو، اَدَنِ ڪِي اَويرَ، اِھَڙِي خاصِي کيرَ، ڪُنَ وَرائي جَهلِي.[ سُر گهاتو - ڪو جو قھر ڪلاچ ۾ ]
- اِيءَ پَرِ نَہ گهاتُوئَڙَنِ جِي، اَئِين جا لُڏو لوڏَ، ڪُنَ ڪَلاچِيءَ ڪوڏَ، سُکِ نَہ سُتا ڪَڏِھِين.[ سُر گهاتو - ڪو جو قھر ڪلاچ ۾ ]
- جانۡ گِهڙَندائو گهاتُوئا، تانۡ رَڇَنِ ڏِئو رَنڱَ، سَڳايُون ۽ سَڱَ، ڪَلاچِي ڪِينَ ڪَري.[ سُر گهاتو - ڪو جو قھر ڪلاچ ۾ ]