ڪَسُ بابت
معنيٰ
زنگ، زنگار، ميل، مورياڻ، مُرچو. ملاوتي ڌاتو، مَٺُ.
Verdigris, green rust. Alloy, loss, deficiency. Sickness, illness.
بيتن ۽ وائين ۾
- عُمِرِ سَڀَ عَبَثُ، وَقتَ وِڃايَمِ پاھِنِجا، ويرَ وِڃايَمِ پانھِنجي، ويٺِي لِکِئو لوڙِيان، جيڪِي ڪِئو مَسُ، قَلبُ ڪارو جو ٿِئو، ڪاتِبَ…[ سُر سريراڳ - وايون ]
- مُندَ ٿِي مَنڊَلَ وَڄِئا، آيو جُهڙُ جهاٽِي، ھيڪُ اَرِزان اَنُ ٿِئو، ٻِئو مَکَڻُ مَنجِهہ ماٽِي، ڪَلمي سين ڪاٽِي، لاٿَمِ ڪَسُ…[ سُر سارنگ - بادل نيڻ ۽ مينھن ]
- ٿاوَرَ اُٿِي پَسُ، ڏيھِ کِوَندِي وِڄُڙِي، مَنُ کُلِي باغُ ٿِئو، ھِينئَڙي لَٿِي ڪَسُ، تَنِي ڪارَڻِ وَسُ، جَنِ وَرَ مَٽائي ڀائُرَ…[ سُر سارنگ - سيڪارا سارنگ ]
- اُتَران جو آيو، تَنھِن ڪَڪَرَ لاٿَمِ ڪَسُ، وُٺو مِينھُن وَڏَ ڦُڙو، ڪِيو جوراڻِي جَسُ، ڪيسَرَ جي قَلاتَ ۾، راتِ تَنِي…[ سُر سارنگ - سيڪارا سارنگ ]
- آئِي مُندَ مَلارَ، اي آئُون کُھِنبا ڪَندِيَسِ ڪَپِڙا، وَسَڻَ جا ويسَ ڪِئا، اَڄُ مُنھِنجي يارَ، لارَ لَئِيندي وَڇَڙا، ڀِنَسِ ڀَنڀا…[ سُر سارنگ - وايون ]
- تَنِ جيسَرَمِيرِياڻِنِ جَسُ، جٖي لِلهِ ڪارَڻِ لَنڊِيُون، تَنِي لَڳي مَ ڪَسُ، جٖي اِيندَنِ ويندَنِ سَندِيُون.[ سُر معذوري - ڪاڪل ۽ جيسرميرياڻيون ]
- تَنِ جيسَرَمِيرِياڻِنِ جَسُ، جٖي لِلهِ ڪارَڻِ لَنڊِيُون، لالائِيءَ جِي لَطِيفُ چئَي، ڪا نَہ رَھِيَنِ ڪَسُ، ھِتِ بِہ رَھِيُنِ رَسُ، ھُتِ…[ سُر معذوري - ڪاڪل ۽ جيسرميرياڻيون ]
- ڏُونگَرَ ڏُکويُنِ جو، توکي ناھِ تَرَسُ، پَھَڻَ پَرَڏيهِنِ سين، ڪو اَڳي ھوءِ عَڪَسُ، پيرَ مُئِيءَ جا پَسُ، جي چِنجُهنِ چِيهاڙِيُون…[ سُر ڪوھياري - ڪوھ سان ڪچھري ]
- تَڙِ تَڙِ ڪِيمَ تَرَسُ، سَرُ نِھارِجِ سُڀَرو، ڏِيندُءِ لَکَ لَطِيفُ چئَي، راڄِ راھُوءَ جي رَسُ، وِلِها جَنھِن وَنِھِئان ڪِئا، پاڳَ…[ سُر بلاول - مجوسِي، ڄام ۽ جادم ]
- جاڳَڻَ مَنجهان جَسُ، آھي اللهَ جَنِ کي، لاھي ٿو لَطِيفُ چئَي، مَٿان قَلبَ ڪَسُ، وَرَنَھَ ڪِجاھُ وَسُ، صُبُحَ ساڻُ سَيِّدُ…[ سُر ڏھر - رات، ڍول ۽ پرھ ڦُٽي ]
- مُنجِهي ويھُ مَ مَڱڻا، ڪَنجِهيَنِ لاھِ ڪَسُ، ٻيلي ۾ ٻاجهُون ٿِيُون، رِڙھِي رُونجهاڻِيءَ رَسُ، پاٺَ پَھرئا پَسُ، ڏَڏَنِ ڏاتِيُون لَڌِيُونۡ.[ سُر جاجڪاڻي - سٻڙ، سيڪڙو ۽ مڱڻھار ]
- جارو ھِنيُون ڪارو ڪَري، چِلُڙَ ڏيجِ مَ چَسُ، ٻَگهَنِ سين ٻيلَ ٻَڌِي، ڪُنبَ نِھارِ مَ ڪَسُ، پَکِي سيئِي پَسُ، جَنِ…[ سُر ڪارايل - پاڙون پاتار ۾ ]