ڪَتِيُون بابت
معنيٰ
ڪَتِي، آسمان ۾ ستن ننڍڙن تارن جي ميڙ وارا نکٽ. مٿي آسمان ۾ ڪجهہ ستارن جا جهڳٽ. (چوڻي تہ ڪَتي وِڇُونءَ جي مڱ آهي، انهي ڪري ٻئي ساڳئي وقت آسمان ۾ نہ ھوندا، ڪتي لھي تہ وڇون اڀري)
The Pleiades, also known as The Seven Sisters and Messier 45, is an open star cluster containing middle-aged, hot B-type stars in the north-west of the constellation Taurus.
بيتن ۽ وائين ۾
- کَڻِي نيڻَ خُمارَ مان، جَڏھِن نازَ ڪِئائُون نَظَرُ، سُورَجَ شاخُون جَهڪِيُون، ڪُوماڻو قَمَرُ، تارا ڪَتِيُون تائِبَ ٿِئا، ديکِيندي دِلبَرُ، جَهڪو…[ سُر کنڀات - نيڻ ۽ تارا ]
- تارا تَہ تارا، ٻِيُون مِڙيئِي ڪَتِيُون، سَڄَڻَ سوڀارا، ڀيڄَ ڀِنِيءَ گهَرِ آيا.[ سُر کنڀات - نيڻ ۽ تارا ]
- ڪَتِيُون ڪَپارِ آيُون، لُڌا وِئا لَڙِي، موٽُ مُئِيءَ جا وَلَها، چانگي تي چَڙِھِي، راڻِي لَئي رَڙِي، ويئِي وِھامِي راتِڙِي.[ سُر راڻو - ڏِيئا، تيل ۽ مھمان ]
- ڪَتِيُون ڪَپارِ آيُون، ٽيڙُو اُڀا ٽيئي، راڻو راتِ نَہ آيو، ويلَ ٽَرِي ويئئِي، کُوءِ سا کاڻِي راتِڙِي، پِريان ريءَ پيئِي،…[ سُر راڻو - ڏِيئا، تيل ۽ مھمان ]