ڪوسِي بابت
معنيٰ
گرم. گرمي، تابَش، تامَش، تپت، اُسَ، ڪاڙهو. سختي، تڪليف، ڏکيائي، مُصيبت.
Heat, hot, warmness.
بيتن ۽ وائين ۾
- ھوتَ نَہ ڀانيُمِ ھِيئَن، مارِي سَڄَڻَ تُنھِنجي نِينھَن، ڇَڏي تُون ڪو ڇَپَرِ ويندين، لُڪُون لَڳَنِ ڪوسِيُون، ڏاڍا تَپَنِ ڏِينھَن، جُهونگارِيندي…[ سُر ديسي - وايون ]
- ھاڙھي ھيٺِ لَڳا، سَڄَرَ پيرَ، تازا پيرَ پِريان جا، لُڪُون لَڳَنِ ڪوسِيُون، ڏُونگَرِ ڏِينھَن تَتا، سُونھَن سُونھارا مُنھَن موچارا، آن…[ سُر ديسي - وايون ]
- مُون سين ھوتَ نَہ ڪَندَڙا ھِيئَن ھِيئَن، مُون نَہ ڇَڏِيندا ڇَپَرين، لُڪُون لَڳَنِ ڪوسِيُون، ڏاڍا تَپَنِ ڏِينھَن ڏِينھَن، ڇيڙي وِڌِيَسِ…[ سُر حسيني - وايون ]
- سَردِيءَ سالِمُ نَہ رَھان، ڪوسِي سَھان ڪانَہ، اَمُنُ ڏيجِ اَمانَ تُون، دُورِ ڪَري ٻِئا دانَ، پانڊَپَ کائِي پانُ، وِجِهجِ پِڪَ…[ سُر سورٺ - حاضر آھي سِر ]