ڪاڻِيارِنِ بابت
معنيٰ
ڪاڻ وارين، غرضدارين ، محتاجِن، گهرجائو، ضرورتمندن ، ڪاڻياتين، پَروَسِ، حڪم هيٺ. مياري، قصور وارين، ڏوهي، حرفي، داغدار، عيبدارين.
Dependent, under influence of, in subjection to, indebted, under obligations.
بيتن ۽ وائين ۾
- تَڙِ تَڪَڙِ تارِ گِهڙَڻُ، اِيءُ ڪاڻِيارِنِ ڪَمُ، ڏَھَ ڏَھَ ڀيرا ڏِينھَن ۾، ڏي ڏوراپو ڏَمُ، عَقُلُ مَتِ شَرَمُ، ٽيئي نِينھَن…[ سُر سھڻي - سانوڻ، سيارو گهڙي ۽ گهوري ]
- پُڇي پاڙي وارِيُون، ڪوھُ ڪَرِيندو ڏَمُ، ڪارِيءَ راتِ ڪُنَنِ ۾، اِيءُ ڪاڻِيارِنِ ڪَمُ، ھِيءُ ھَڏو ۽ چَمُ، گهورِئو مُحِبَ ميھارَ…[ سُر سھڻي - جيئري، ساھڙ ڌاران ]
- سُھاڳُ پُڻ سَنبران، ڏُھاڳُ پُڻ ڏِٺومِ، ھَي اَڀاڳي حالَ کي، ھَٿين ھارُ ڇُتومِ، تِھان پوءِ ٿِئومِ، قَدُرُ ڪاڻِيارِنِ جو.[ سُر ليلا - مڻيو چنيسر، ليلا سھاڳڻ ]