ڪابُولَ بابت
معنيٰ
ڪابل. هڪ شھر جو نالو، افغانستان جي گاديءَ جو هنڌ. (گهڻو اڳ ڪابل طرف فقير ايندا ويندا ھُئا.)
Kabul. Capital city of Afghanistan. (Long time ago Fakirs & sadhus were use to go there as wanderers.)
بيتن ۽ وائين ۾
- سامِيَنِ سِڱُ ڪُلَهنِ تي، سِڱُ مِڙيوئِي سُورُ، ڪَھَندا وِئا ڪابُولَ ڏي، ڪو جو پَيَڙُنِ پُورُ، مَڙِهيءَ جو مَذڪُورُ، ڪالَهہ ڪَندا…[ سُر رامڪلي - ڪن ڪٽ ڪاپٽ ڪاپڙي ]
- ڪَھَندي ڪابُولَ ڏي، جوڳِيَنِ جُڳَ ٿِئا، راھَ سُوٺائُون رَبَ جِي، وِرِچِي تان نَہ وِئا، جيلاھَ ڌَڻِيءَ ڌُئا، تيلاھَ مُحَّمَدَ مَڃِئا.[ سُر رامڪلي - جوڳي، سامي ۽ ڪن ڪپڻ ]
- ڪَسي ساڻُ ڪَسَنِ، ڏِيلَ ڪِئائُون ڏُٻِرا، پيٽَ نَہ ھيرِئائُون پانھِنجا، چوري ساڻُ چَسَنِ، اِنهين راھِ رَسَنِ، ڪاپَڙِي ڪابُولَ کي.[ سُر رامڪلي - قوت ڪڙايا ۽ پوڄا ڪار ]
- تان ڪِي وَٽَنِ آءُ، جان آھِينِ اوطاقُنِ ۾، وِئو تَنِ نَہ وِسَرِي، لاھوتِيءَ ڪو لاءُ، فَنا ۽ فِراقَ جو، سامِيَنِ…[ سُر رامڪلي - اڄ نہ اوطاقن ۽ جياسُون ]