ڏِنِيُون بابت
معنيٰ
ڏنائون، حوالي ڪيائون، مليون.
Given.
بيتن ۽ وائين ۾
- ڪَنڌِ ڪَٽارو مُنھِن وَٽِي، عادَتَ سَندِيَنِ اِيءَ، تَنِ تِڪُون ڏِنِيُون، جُنبِي مَنجهان جِيءَ، سَرو تَنِ سَبِيءَ، جَنِ سانگُ نَہ ساھَ…[ سُر يمن ڪلياڻ - سري پيالو ۽ موکي متارا ]
- پُنهونءَ پيرَڙِيُون، گهَرِ گُهَمندي جٖي ڏِنِيُون، سي مان سيرَڙِيُون، نِتُ نِھارَڻُ آيُون.[ سُر حسيني - لَڪ لَڪيُون ۽ ڪُٺل ]
- ٻِئَنِ مِڙَنِي ڏِنِيُون، ڏي نَہ ڏُونگرُ راءُ، اَڻَ ڏِٺِيين آڏو ڦِري، ڏِٺِيُون ڏي ڪِئا، لوڙِيُون لَکَ مَٿان، اِنَ مَٿيري موٽايُون.[ سُر بلاول - سمو سلطان ۽ ابڙو ]
- اُٿِي اُٿِي لاھِ، ڍولا ڪَرِ پاھَرِيُون، ٻاٻَلَ مينھَڙِيُون، تو پَھِياجُرَ ڏِنِيُون.[ سُر ڏھر - اڄ گهرجين تُون ]
- جِيئَن ڳَنڍِيُون مَنجِهہ ڳَنڍيرَ، تِيئَن مُون مَنُ مارُوئَڙَنِ سين، ڏِنِيُون لَسَ لَطِيفُ چئَي، ھِينئَڙي کي حَمِيرَ، وَڃِي مَنجِهہ مَلِيرَ، سَڀَ…[ سُر مارئي - ڏيھ ڏاڏاڻي جي خبر ]
- پَنوَھارَنِ پاٻُوھِيو، ڪِي وَسَ واھُوندَنِ، لَٿو سِيءُ لَطِيفُ چئَي، ٻَڌو ڦَنُ ڦَرَنِ، پائُرِ ڏِنِيُون پُٺِيُون، نَنڍَن نوراپَنِ، عُمَرَ اُنَ اَگُوندَرِي،…[ سُر مارئي - مارُن ريت، پنھوارن پاٻوھيو ]
- سَرَ اُھيئِي اَڳِئان، پَکِي پُونِ ٻِئا، جَنِ لَمِئو ٿي لاتِيُون ڏِنِيُون، سي ويچارا وِئا، ڪُوڙا ڪانيرا گَهڻا، ماڳو ماڳِ ٿِئا،…[ سُر ڪارايل - پاڙون پاتار ۾ ]