ڏُکندو بابت
معنيٰ
دُکُدائِڪُ، ڏک جھڙو، سورائتو، درد مند. مشڪل، ڏُکيو. درد ڀريو، گهايَلُ، ڦِٽيَل. ڏُکندڙ، سور ڪندڙ. درد، غم، الم، رنج، سورُ، ڏکُ، ايذاءُ. بيماري، مرض، ڏکندڙ عارضو، اِيذائيندَڙَ مَرضُ.
Panic, pain, ailed, illness, misery, agony, injured
بيتن ۽ وائين ۾
- اورِ ڏُکندو اُو ٿِئي، ھادِي جَنھِن حَبِيبُ، تِرُ تَفاوَتُ نَہ ڪَري، تَنھِن کي ڪو طَبِيبُ، رَھنُما رَقِيبُ، ساٿَر آھي سُپِرِين.[ سُر ڪلياڻ - عشق ۽ معشوق ]
- ٿِيندو تَنَ طَبِيبُ، دارُون مُنھِنجي دَردَ جو. ٻُڪِي ڏِيندُمِ ٻاجَهہ جِي، اَچِي شالَ عَجِيبُ. پِرِيَنِ اَچِي ڪِئو، سَندو غورُ غَرِيبُ،…[ سُر ڪلياڻ - وايون ]
- ويٺي جَنِي وَٽِ، ڏُکندو ڏاڍو ٿِئي، سا مَجلِسَ ئِي مَٽِ، جٖي حاصِلُ ھوءِ ھَزارَ جو.[ سُر يمن ڪلياڻ - ويڄ ۽ دارُون ]
- ويٺي جَنِي وَٽِ، ڏُکندو ڏُورِ ٿِئي، تُون تَنِي سين ڪَٽِ، اوڏا اَڏي پَکَڙا.[ سُر يمن ڪلياڻ - ويڄ ۽ دارُون ]
- ساھَڙَ ڌاران سُهڻِي، آھي ۾ آزارَ، ڏَمَ پاسي ۾ ڏُکندو، صِحَتَ وَٽِ سَنگهارَ، توڏِيءَ سَندي تَنَ جِي، دَوا ۾ دِيدارَ،…[ سُر سھڻي - جيئري، ساھڙ ڌاران ]
- تَپُ تَڙِئائِين، سَمُنڊِ وِڌائِين، نِئائِين مَرِضُ مُؤمِنَنِ تان، دَردُ پاڻَ دَردَ ۾، ٻَرو ٻُڏو ٻاجَهہ ڪِئائِين، اَگها سَڀَ سَگها ٿِئا،…[ سُر مارئي - وايون ]