ڏُٻِرا بابت
معنيٰ
نٻل، ڪمزور، ھيڻا
Weak.
بيتن ۽ وائين ۾
- وَسي تَڏِھِين وَسَ، مُندَ مِڙيائِي مِينھَن جِي، کيٽا کَٽَرُنِ ڇَڏِئا، جٖي ٿي مِڙِيُون مَسَ، گابا، مَٿي گَسَ، ڏُکَ نَہ ڪَندا…[ سُر سارنگ - آگمجڻ ]
- ڪَسي ساڻُ ڪَسَنِ، ڏِيلَ ڪِئائُون ڏُٻِرا، پيٽَ نَہ ھيرِئائُون پانھِنجا، چوري ساڻُ چَسَنِ، اِنهين راھِ رَسَنِ، ڪاپَڙِي ڪابُولَ کي.[ سُر رامڪلي - قوت ڪڙايا ۽ پوڄا ڪار ]
- ڪَسي ساڻُ ڪَسي، ڏِيلَ ڪِئائُون ڏُٻِرا، پيٽَ نَہ ھيرِئائُون پانھنجا، چوري ساڻُ چَسي، واراڳِيَنِ وَسي، رامُ سَدائِين رُوحَ ۾.[ سُر رامڪلي - قوت ڪڙايا ۽ پوڄا ڪار ]
- ڪَسي چيلِهہ ڪَسا، ڏِيلَ ڪِئائُون ڏُٻِرا، لاھُوتِي لَطِيفُ چئَي، تَنَ کي ڏِينِ تَسا، گُرُوءَ جي گَسان، پاسي ڪَنِ نَہ پاڻَ…[ سُر رامڪلي - قوت ڪڙايا ۽ پوڄا ڪار ]
- ھَنجَ سَدائِين ڏُٻِرا، پَکِي ٻِئا مَچَنِ، مارِيءَ سَندو مَنَ ۾، آھي وِرھُ ويچارَنِ، ڪَنبَنِ ۽ ڪَڍَنِ، پِٿُون جٖي پاتارَ جا.[ سُر ڪارايل - پاڙون پاتار ۾ ]