ڏيساندَرَ بابت
معنيٰ
ڏورانھون ملڪ، پرديسُ، وِلائت، ڏيساوَرُ. ديس، ملڪ، ڏيھُ. نظارو، منظر، ڏيکاءُ، نماءُ.
Foreign, other countries, regions, far away areas
بيتن ۽ وائين ۾
- وَحدَہٗ جٖي وَڍِئا، الاللهَ سين اورِينِ، ھِنيُون حَقِيقَتَ گَڏِئو، طَرِيقَتَ تورِين، مَعرِفَتَ جِيءَ ماٺِ سين، ڏيساندَرَ ڏورِيِن، سُکَ نَہ سُتا…[ سُر ڪلياڻ - يڪتائي ]
- حَياتِيءَ ھيڪاندِ، ڌَڻِي ڪَرِيندين ڪَڏِھِين، مَنَ ۾ مُشتاقَنِ جي، ڪِي رَنجائي راندِ، پِرِين ڏيساندَرَ پاندِ، ڳُجُهہ ڳَرَھِيان ڪَنِ سين.[ سُر کنڀات - چنڊ ]