ڏيجُ بابت
معنيٰ
عورت کي شاديءَ وقت مائٽن کان مليل سامان، ڏاجُ، ڏاجو، ڏيجو، جَھيزُ، استري ڌَنُ، مَھرُ.
The paraphernalia of a bride, vestments and furniture of every kind which a bride brings to her husband's house; bride's portion, a dowry.
بيتن ۽ وائين ۾
- ڪَرَھا مَ ڪاھِيو مِيان ڪيچِي، آئُون آرِياڻِيءَ عَرَضُ چَوَندِي، ڪَري ھوتَ ھَلَڻَ جِي، لُوٺِيءَ کي مَ لَڄايو، وَسِيلو وِلِهِيءَ جو،…[ سُر آبڙي - وايون ]
- جيڏِيُون جَهلَ مَ پايو، آئُون ويندَڙِي پار پِريَن جي، اَدِيُون روزَ اَلَستَ جي، ڏُونگَرَ ڏيجُ مُون آيِو، مُون کي ڏِينھَن…[ سُر معذوري - وايون ]
- ڀَرِ ڀَنجُهوءِ ويھِي، ڪِھَڙِي ڪَندين ڳالِهڙِي، ڍَڪي ھَلَندَءِ ڌُوڙِ ۾، ڪَنڌِ ڪَلَرُ ڏيئِي، ڄاڃِي ماڃِي موٽِئا، وَرُ وَنِيءَ ڏيئِي، خَبَرَ…[ سُر بروو سنڌي - صُورت فانِي ۽ مڙه مقام ]
- گُوندَرَ وِڌو پيچُ، ماءَ مُنھِنجِي جِيءَ کي، ڏُکويُنِ جو ڏيجُ، روئَڻُ رَتُ پِرِيَنِ لَيءِ.[ سُر رِپ - گُوندر ۽ ڪڪر منجهہ ڪپار ]
- کَٿِيءَ مَنجِهہ کَٽِيائِين، لوئِيءَ ۾ لَڌائِين، مارُو ڄامُ مَلِيرَ جو، پَرَچِي پَنوَهارَنِ سين، لوئِي ڏيجُ لَڌائِين، سِيلُ نِباهِيين سُومَرا، پَنھِنجو…[ سُر مارئي - پائران پيھي آيا ]
- لوئِيءَ ۾ لائُون، مُون مارُوءَ سين لَڌِيُون، اَوَلِ نانءُ اللهَ جو، مِڙِنِئان مَٿاهُون، سا ڪِيئَن کائي کارِڪُونَ، جَنھِن کي ڏَنئُرا…[ سُر مارئي - وايون ]
- ھَنجَ ھُوندَ ڙي ھيجُ، ڪيرُ ڪَرِيندو ٻَگهَہ سين، ماڻِڪَ چُوڻُو جَنِ جو، موتِي سَندُنِ ڏيجُ، سَرَ ۾ سُکائُون ڪَري، روئِي…[ سُر ڪارايل - وايون ]