ڏاتارُ بابت
معنيٰ
ڏيڻ وارو، انعام ڏيندڙ، بخشش ڏيندڙ، رِزقُ ڏيندڙ، داتا، ڏاتا، ڏاتَرُ، وڏيءَ دل وارو، درياه دِلُ، سخي، اُدار چِتُ، داني. بختاور، خوش نصيبُ.
Generous; charitable، Giver, one who gives, donor, mighty hearted.
بيتن ۽ وائين ۾
- ڏوري لَھُ ڏاتارُ، جِمَ وِھين ويسَلو، ھَڪِيو ھوئِجِ ھوشِيارِ، کِوَڻِ کِوَندِيَئيِ اوچتِي.[ سُر سريراڳ - توڪل، جاڳ سجاڳ ]
- ويٺو ڏي ڏاتارُ، ٻَڌِئو ماڻِڪَ مُوڙِيين، ڪَمُ نَہ ڄاڻِي ڪِي ٻِئو، وِڄا جو واپارُ، لَٿو ڏيھَ ڏُڪارُ، جُنگَ ساماڻي جَکِري.[ سُر بلاول - مجوسِي، ڄام ۽ جادم ]
- تُون سَٻَڙُ آئُون سيڪِڙُو، تُون پارَسُ آئُون پينارُ، ڏِسَندي ڏاتارُ، ڪُلهي پاتُمِ ڪِينِرو.[ سُر جاجڪاڻي - سٻڙ، سيڪڙو ۽ مڱڻھار ]
- ڏاتارُ تَہ تُون، ٻِئا مِڙيئِي مَڱڻا، مِينھَن تَہ مُندين وَسِڻا، سَدا وَسين تُون، جي گهَرِ اَچين مُون، تَہ ميرِيائِي مانُ…[ سُر جاجڪاڻي - سٻڙ، سيڪڙو ۽ مڱڻھار ]