ڌُئان بابت
معنيٰ
ڌوئان، صاف ڪيان، ڌوئي اجرو ڪيان.
Make clean, wash.
بيتن ۽ وائين ۾
- توڻي ڏيِين ڏُھاڳُ، تَہ سَؤُ سُھاڳَنِ ڀانيان، مُون کي تُنھِنجو سُپِرِين، سَڀوئِي سَڀاڳُ، دوسِتَ تُنھِنجو داڳُ، ڌُئان ڌوتو نَہ لَھي.[ سُر ليلا - مڻيو چنيسر، ليلا سھاڳڻ ]
- باللہ آھِيان بَندَ ۾ ڌُئان ڪِيئَن ڌَٻَرُ، ويڻَ وَراڻي ناھِ ڪا، سُومَرو سَٻَرُ، مِيان مَھربانُ ڪَرِيين، اِلاھِي عُمَرُ، ويڙِھ پَسان…[ سُر مارئي - مارُن جو حال ]
- مارُو مِٽَ مَلِيرَ جا، سارِئَمِ سَڀَيئِي، حُبُّ الْوَطَنِ مِنَ الإِيمَانِ ، اَندَرَ ۾ ايھِي، پَکَنِ ۾ پيھِي، مَحلَنِ جِي مَرُ…[ سُر مارئي - مارئي ملير جي ستي سيل ]
- جٖي هِتِ گَهارِئَمِ ڏِينھَڙا، وَطَنَ ريءَ ويھِي، مارُو ڏِيندَمِ مُنھَن ۾، ڏاڏاڻا ڏيھِي، پَکَنِ مَنجِهہ پيھِي، شَلَ مَحَلنِ جِي مَرُ…[ سُر مارئي - جھ سي لوڙائو ٿئا ]