ڌَڻِيَنِ بابت
معنيٰ
مالدارن، دولتمندن، ڀاڳين، ڌنوانن، ڌن ونتن، گهر وارن، مڙسن، ڀتارن. مالڪن، خاوندن، آقائن، سَروَرن، آگن، سوامن، والين، مختيارن.
Masters, owners, proprietors, lords.
بيتن ۽ وائين ۾
- مَيي ماڪائِي، وِڌو واتُ وَلِيُنِ کي، خَبَرَ ٿِي کيٽَ ڌَڻِيَنِ کي، وِڏُوڙِئا واھِي، ڪَرَھي ڪاڪَتَ ڇَڏِي، وَريسِ نَہ وائِي، چانگي…[ سُر کنڀات - ڪرھو، چانگو، اٺ ]
- اَڃا ٻُوۡرُ ٻِھاڻُ، ڌَڻِيَنِ ھَٿِ ڪِئو، سازُ مِڙيوئِي سونَ جو، مَٿِسِ پاڪُ پَلاڻُ، پِرِين چَڙھَندو پاڻُ، والِي ٿِيندو وَڳَ جو.[ سُر کنڀات - ڪرھو، چانگو، اٺ ]
- سَڄو تان سَؤُ لَکَنِ لَھي ڀَڳو تان نِيلُنِ، ماڻِڪُ مُلَهان وِتَرو، چَيو ڌُرِ ڌَڻِيَنِ، سوجهي صَرافَنِ، بي بَھا بَسِ ڪِئو.[ سُر سريراڳ - صراف ۽ جوھري ]
- وَڃِي وَڃِي ٿِيندِياسِ ويجهِي ويجهِي، پَسَڻَ ڪارَڻِ پِرِينءَ جي وو، آڏا ڏُونگَرَ لَڪِيُون، موٽِجِ مُحِبَ مِجيجِي وو مِجيجِي، پُڇان واٽَ…[ سُر آبڙي - وايون ]
- ھَٿين پيرين مُونَڙِيين پُري پَنڌُ پَرَکُ، قَدَمُ ڪيچَ ڌَڻِيَنِ ڏي، وِجُهہ وَڌَندِي وِکَ، جي ھُونَئِي ھوتَنِ لَکَ، تَہ پَڙِجِ ڪومَ…[ سُر معذوري - منڌ ۽ موت ]
- اَڌَرَ نِڌَرَ اَڀَرِي، ويچارِي وَري، لالَڻَ لَئي لَطِيفُ چئَي، پُرِي پيرَ ڀَري، ڪَمِيڻِي ڪَري، ڪارُون ڪيچَ ڌَڻِيَنِ کي.[ سُر معذوري - اڌر نڌر ۽ ھيڪلي ]
- اَڃا پَنڌُ اَڳي ٿِئو، مُڙِئو سِڄُ مَٿان، ڏَڍُ مُنھِنجي ڏِيلَ جو، وِئو ھوتُ ھَٿان، ٻَڌِي ٻاروچو وِئو، جَمَعُ جانِ جَتا،…[ سُر ديسي - دانھُون ڪُوڪُون ]
- وائِي واري وِنگُڙِي، ٻولِي ٻِي نَہ ڪَھَنِ، اللهَ ڪيچَ ڌَڻِيَنِ، مُون سين پَئي نَہ مامِرو.[ سُر ديسي - ٻروچڪي ٻولي ]
- پِييَمِ پَٺاڻَنِ سين ٻولِي جٖي نَہ ٻُجَهنِ، آئُون سِنڌِيائِي نَہ سَمجهان، اُوءِ پارِسِي پُڇَنِ، اللهَ ڪيچَ ڌَڻِيَنِ، مُون سين پَوي…[ سُر ديسي - ٻروچڪي ٻولي ]
- جِيئَري ساڻُ جَتَنِ، لَڳو ناتو نِينھَن جو، ڌاڙي ڪارَڻ ڌارِئا، بُغدِي بَلوچَنِ، مُئِي ماري ھَلِئا، ٻاجَهہ نَہ ٻاروچَنِ، اوٺِيَنِ اُٺَ…[ سُر ديسي - وايون ]
- آيَلِ ٻاروچَنِ تي، جيڪَرَ ڪَرِيان ڳالِهہ، چُوندا لاٿِيَئِي لاڳِ، مُنڌَ ڪِي ڪيچَ ڌَڻِيَنِ سين.[ سُر حسيني - ڏورِڻ ۽ ڏسڻ ]
- سَڄَڻُ ڏِٺو جَنِ، تَنِ ڳِچِيءَ سِرِ ڳَھُ ٿِئو، ٻِيُون ڪوھُ ٻُجَهنِ، قَدُرُ ڪيچَ ڌَڻِيَنِ جو.[ سُر حسيني - سؤُ سُک ۽ طالب، تات ]
- ريءَ مَصلِحَتَ مَڱڻا، ھِتِ قَصرِ ڪِينَ اَچَنِ، نُورَ تَجَلِي نُورَ سين، نَمِئو نيڻَ پَسَنِ، خيمي ۾ کَنگهارَ جي، چانڊُوڻا چَمڪَنِ،…[ سُر سورٺ - سائل در آئيو ]
- ڪَرَھا، ڪارَڻِ ڪاھَ، توکي ڌَڻِيَنِ ڌارِئو، ساري ڏيجِ سَيِّدُ چئَي، لُڊُوڻي تان لاھَ، مُقابِلو مُومَلَ سين، ٿِيندُءِ سَنجَهہ صُباحَ، سوڍي…[ سُر راڻو - ڏِيئا، تيل ۽ مھمان ]
- ڳَلِ ڳانا مُنھِن ماڻِڪِي، مَيي ٻَجَهنِ موڙَ، جهان جهان جَهمَ جَهڪورَ، ڪَرَھا ڪاڪِ ڌَڻِيَنِ جي.[ سُر راڻو - موٽ ۽ پرچ راڻا ]
- ڪَرِ ڪي ڳالِهڙِيُون، ڪَنڊا ڍورَ ڌَڻِيَنِ جُون، ڪَنھِن پَرِ راتِڙِيُون، ڪَنھِن پَرِ ڏِينھَن گُذارِيَئُون؟[ سُر ڏھر - ڪنڊا، ڍور، پٽيھل اڪ ]
- ڪَرِ ڪا ويھِي ڳالِهہ، ڪَنڊا ڍورَ ڌَڻِيَنِ جِي، ھَئَي ھِھَڙي حالَ، ڏُکِئا ڏِينھَن گُذارِيين؟[ سُر ڏھر - ڪنڊا، ڍور، پٽيھل اڪ ]
- تو جَي ھُئَڙو وَڍُ، ڪَنڊا ڍورَ ڌَڻِيَنِ جو، ھُوندَ نَہ ڏيِين ڏُٿُ، موري مَڃَرَ نَہ ڪَرِيين.[ سُر ڏھر - ڪنڊا، ڍور، پٽيھل اڪ ]
- تو جَي ھُئَڙو سُورُ، ڪَنڊا ڍورَ ڌَڻِيَنِ جو، مَٿي لامُنِ ٻُورُ، موري مَڃَرَ نَہ ڪَرِيين.[ سُر ڏھر - ڪنڊا، ڍور، پٽيھل اڪ ]
- ويٺي مَنجِهہ وَٿاڻَ، ڪَنڌِ جَهلبين ٻَڪِرا، توتي تو ڌَڻِيَنِ جِي، آھي اِھائِي آڻَ، اوچِتا پَرياڻَ، آھِينِ ڌَڻَ ڌَڻيَنِ جا.[ سُر ڏھر - اڄ گهرجين تُون ]
- جيڏِيُون آئُون ڪا پاڻَ وَھِيڻِي آھِيان، ڪا مُون سارَ لَھِيجا، جيڏانھَن ھَلائِينِمِ سُپِرِين، پيرَ اوڏاھِين پايان، قَلَمُ ڪاتِبَ ھَٿَ ۾،…[ سُر آسا - وايون ]