چِڪِئا بابت
معنيٰ
دوا، دارون، ملمون، مرھم، مرض جو علاج، بيماريءَ جو دارُو دَرمَلُ.
Treatment, remedy, therapy
بيتن ۽ وائين ۾
- ڪانارِئا ڪُڻِڪَن، جَنِي لوھُ لِڱَنِ ۾، مَحَبتَ جي مَيدانَ ۾، پِئا لالَ لُڇَنِ، پاڻِهين ٻَڌنِ پَٽِيُون، پاڻِهين چِڪِئا ڪَنِ، وَٽان…[ سُر يمن ڪلياڻ - حبيب ۽ طبيب ]
- تَڙي طَبِيبَنِ، گهايَلُ گهَران ڪَڍِئو، چِڪِئا چاڪَ چِيھُون ڪَري، ڪَڙِيُون مُورُ نَہ ڪَن، دوسِتَ دَرسَنَ تُنھِنجي، وِڌو ٺارُ ٺَپَنِ، وِرِچِئو…[ سُر يمن ڪلياڻ - ويڄ ۽ دارُون ]
- طالِعُ اَڄُ وَرِئو، جِيئَن دوسِتُ پيھِي دَرِ آيو، چِڪِئا چاڪَ چَڱا ٿِئا، جَنِ ٿي ڪالَهہ ڪُرِئو، آڻي اَڻَ تُرِئو، دوسِتَنِ…[ سُر بروو سنڌي - عاشق اکڙِيُون ]