چَڱِي بابت
معنيٰ
سٺي، ڀلي، پت واري، فھميدي
Good
بيتن ۽ وائين ۾
- ويڄَ مَ ٻُڪِي ڏي، اَلا چَڱِي نَہ ٿِيان، سَڄَڻُ مانَ نَہ اَچي، ڪَرَ لاھُو ٿِي ڪَڏِھِين.[ سُر يمن ڪلياڻ - ويڄ ۽ دارُون ]
- ويڄَ مَ مُون وَٽِ ويھُ، آيا جانِي مُون گهَرِ آيا، آيا ھادِي، ويڄَنِ وَڏا ئِي وَسَ ڪِئا، مَرضَ مُنھِنجي کي،…[ سُر يمن ڪلياڻ - وايون ]
- مَدِيُون ڪَندي مانَ، ڪَنِي ڪَڏِھِين نَہ ڪِئا، چَڱِيُون جَنِ جي چِتَ ۾، سي ھَڏِ نَہ ٿِئا حَيرانَ، جي جَنِي جا…[ سُر سريراڳ - صراف ۽ جوھري ]
- وَڻِجارا ويٺي، تو نَہ سَرَندِي شاھَ ري، مَکِ پَنھِنجي مَڪُڙِي، چَڱِي ڪَرِ چيٺي، پاسا پاکَڙِينَن جا، سَمُنڊُ ٿو سيڪي، جٖي…[ سُر سريراڳ - توڪل، جاڳ سجاڳ ]
- ڪوڙيِين ڀالَ ڪَرِيمَ، ڪَرِ سَھِسين شُڪرانا، فاذڪُرُونِي اَذڪرُڪُم، ڪَھي قُرآنا، واشڪُرُو الِي وَلا تَڪفُرُونِ، ڪَڍُ تُون ڪُفراَنا، حَمدُ چؤُ حَڪِيمَ…[ سُر سريراڳ - وايون ]
- جاڳِي يارا جيڏِيُون پاڻُ پَرَنِجي، ھَلَندي حَبِيبَ ڏي، ويلو وِچِ نَہ ڪِجي، مَٿي اُھِسَ اُسِرِي، پَتَنگَ جِيئَن پَئِجيءَ، اَڳِئان اُونداھِيءَ…[ سُر سريراڳ - وايون ]
- پَڳَھَ پاءِ پَنھِنجي مَڪُڙِي، مَتان ڇُوھي ڇِنائي، ساندارو سَمُنڊَ جو، اَڙانگو آھي، تو پانھِنجا نَہ ڪِئا، واري وَرائي، ھُوندَ نَہ…[ سُر سامونڊي - وايون ]
- مينھِيُون ھِنَ ميھارَ جُون، اللهَ ڪِيمَ مَرَنِ، ڪُڙِمِيُون، چالُون، ماڻڪِيُون، چَڱِيءَ جُوءِ چَرَنِ، جي ھِنيَين نِتُ ھُرَنِ، ھُونِ سَلامَتَ سُپِرِين.[ سُر سھڻي - مينھون، چاھڪ، کرڪن ]
- ٿَڙي تان ٿَڙا پَڙي، چَڱِيءَ ڀَتِ چَوان، مَمُولَدُ ٿِئو مُون پِرِين، وَٺِي شالَ وَران، زَيدَنِ مُحِبَ مِڙان، ٿَڙِ بِيا ٿوڙِڪو…[ سُر ديسي - ٻروچڪي ٻولي ]
- ڏُونگَرَ ڏُکَ سَنداءِ، پِرِينءَ گَڏِجانِ نَہ چُئان، ڀِنِيءَ ٿِيين ڀَوارَئُون، ٻِئا وِنگا وَرَ ڏِناءِ، چَڱِي ڪانَہ ڪِياءِ، جِيئَن پيرُ وِڃايُئِي…[ سُر ڪوھياري - ڪوھ سان ڪچھري ]
- مَرُ مَعذُورِ ھُئان، اَلا چَڱِي مَ ٿِيان، رِڙھان ۽ رُئان، پُٺِيءَ سَڳَرَ ساٿَ جي.[ سُر حسيني - جِيئڻُ ۽ مَرڻُ ]
- تييُون توشو تِوڻِ نَہ ڪا، ڌُرِيائِينِ ڌارِينِ، ڏُکِئا سُکِئا ڏِينھَڙا، ٿا گهَٽَ اَندَرِ گهارِينِ، تَوَڪَلَ ٻَڌائُون تُرَھو، ٻِي وائِي نَہ…[ سُر رامڪلي - ٽيھ اکري ]
- واوَئُون وَرَقُ وِصالَ جو، ويراڳِي وارِينِ، وَرِيُنِ واءُ وِصالَ جو، اُڪَنڊَ ۾ آھِينِ، سَناسِي سَيِّدُ چئَي، لوڪَ نَہ لَکائِينِ، وَٱللَّهُ…[ سُر رامڪلي - ٽيھ اکري ]
- ڏَمَرِئو تَہ ڏي، پَرَچِئو تَہ پاٽَ ڀَري، جُنگَ جَکِري کي، ٻَئِي چَڱِيُون چِتَ ۾.[ سُر بلاول - مجوسِي، ڄام ۽ جادم ]
- اَڄُ اوٺِي آيو، ڏيھَ ڏاڏاڻِين ڏانھَن، اُٺا مِينھَن مَلِيرَ ۾، ٿِئا گَرِيبَنِ گاهَ، عُمَرَ کي اللهَ، ڪا چَڱِي وِجِهجِ چِتَ…[ سُر مارئي - کائر ڏانھن کڻي وئا ]
- ڪارِيُون ڪوجِهيُون ڪُوَڙِيُون، بَدِ جَنِي ۾ بُوءِ، ھَٿين پيرين چِٻِرِيُون، رَنگُ نَہ چَڱِيءَ رُوءِ، جَنھِن دُرا وِڪِئا دوءِ، تَنھِن جي…[ سُر ڪاموڏ - سمي سامهون گندري ]
- ڪَنھِن ڪَنھِن ڪارِيءَ ذاتِ کي، مورَ پِہ مَٽائِينِ، جي چَتُرِئا چَڱِي ڪَري، تَہ وَڳَ وَرائي ڏِينِ، ساٿَ سَمُورا نِينِ، جَي…[ سُر ڪارايل - سَر، اوطاقون ۽ نانگ ]