چَنۡگَ بابت
معنيٰ
ساز جو هڪ قسم. وات سان وڄائڻ جو هڪ ساز. ڍَڳن وغيرہ کي ساج لاءِ ٻڌل هڪ قسم جو پتل جو چَڙهو يا ساز.
A kind of musical instrument like a fiddle. The Jew’s harp.
بيتن ۽ وائين ۾
- اللهَ جِي آسَ ڪَري، ھَلِئو ھِئائِين، چارَڻَ ٻَڌا چَنۡگَ کي، جُهوڙا ۽ جهائِين، ڏُئِلِي راءِ ڏِياچَ جِي، ڏُوران ڏِٺائِين، وينَتِيُون…[ سُر سورٺ - سائل در آئيو ]
- چارَڻَ تُنھِنجي چَنۡگَ جو، عَجَبُ آھِمِ اِيءُ، جِيئَن ھَڻين اُڀو ھَٿَنِ سين، جِيئَرو رَکِئو جِيءُ، راتِ مُنھِنجو رِيحُ، ڪاٽِئو تو…[ سُر سورٺ - حاضر آھي سِر ]
- چارَڻَ تُنھِنجي چَنۡگَ ۾، توحِيدَ جِي تَنوارَ، وَحدہ لاشرِيک لَهُ، اِھيئِي آچارَ، مُون کي تَهِين يارَ، فِڪرَ ڦِريشانِئو.[ سُر سورٺ - حاضر آھي سِر ]