چارَڻُ بابت
معنيٰ
ھڪ قبيلي جو نالو. ڳائڻو، ڳائڻا، راءِ ڏياچ جو سر وڍيندڙ سازندو.
Name of a tribe, singers, musician who slaughtered Roy Diyach's head.
بيتن ۽ وائين ۾
- مَحلين آيو مَڱِڻو، سازُ کَڻِي سُرَندو، سِرَ جِي صَدا سِرَ ۾، گهُورَ ھَڻِي گهُرَندو، مَٿي ريءَ مَلُوڪَ جي، چارَڻُ نَہ…[ سُر سورٺ - سائل گهُري سِر ]
- سِرَ جِي ھُئائِين ھَلِئو، چارَڻُ چِتائي، سو مُوڙا جَهلي نَہ مالَ جا، ٿو ماڻِڪَ موٽائي، تو دَرِ آيُسِ تي، جِيئَنِ…[ سُر سورٺ - سائل گهُري سِر ]
- چارَڻُ چَنۡگُ ڪُلِهي ڪَري، رَمِي آيو راتِ، صَدا جِي سَيِّدُ چئَي، وائِي ڪِئائِين واتِ، وَڃِي ڀانَ ڀُڻڪِئو، جِتي جاجِڪَ نَہ…[ سُر سورٺ - حاضر آھي سِر ]
- جاجِڪُ جُهونا ڳَڙَه ۾، ڪو عَطائِي آيو، ڪَڍِي تَنھِن ڪِينِرو، ويھِي وَڄايو، شَھَرُ سَڄو ئِي سُرودَ سين، تَندنِ تَپايو، دايُون…[ سُر سورٺ - حاضر آھي سِر ]
- ڪينُون آکان ڪَونُ بَتاوي ھِي واٽَهَڙُو لوڪُ ڙي ماءُ، اَپِني صاحِبِ دِي باتِ ڙي، چارَڻُ آيا ڪاٽِ لي جايا کوءِ…[ سُر سورٺ - وايون ]
- پَسي ڀَرِ پِئو، ٻولِيُون ٻيلي جُون ڪَري، چارَڻُ چاڙِھي چَوڏولَ ۾، نِماڻُو نِھو، رُونجهي راتِ ڪِئو، سَرفَرازُ سَيِّدُ چئَي.[ سُر جاجڪاڻي - سٻڙ، سيڪڙو ۽ مڱڻھار ]
- چارَڻُ لَڱو پَنڌُ گهَڻو، ڪِي چوٽاڻِيءَ چَئيجِ، ھِتِ ڪِي ھَلائيجِ، اِتي آئُون نَہ اَچِڻو.[ سُر جاجڪاڻي - سٻڙ، سيڪڙو ۽ مڱڻھار ]
- تُنبيرو تاڻي، چارَڻُ چوٽاڻِيءَ مَڻي، اَتارا آڻي، جَنھِن نَماڻِئا مَڱَڻي.[ سُر جاجڪاڻي - سٻڙ، سيڪڙو ۽ مڱڻھار ]