ڀَلائِيءَ بابت
معنيٰ
چڱائي، بهتري، مھرباني. نيڪي، احسان، ٿورو. وَڙُ، لائق.
Goodness, virtue, betterment, mercy
بيتن ۽ وائين ۾
- ڀَلا ئِي آھِينِ، پِرِين ڀَلائِيءَ پانھِنجي، سَٻاجها سِرِ چَڙِهي، ڏوراپو نَہ ڏِينِ، جَي مُون ڏانھَن مَدِيُون ٿِيَنِ، تَہ سَڄَڻَ سَڄايُنِ…[ سُر کنڀات - چنڊ ]
- ڀَلائِيءَ جا ڀيرَ، پيشانِيءَ ۾ پِرِينءَ کي، اَڱَڻِ اُڪَنڊِيَنِ جي، ڏي پاٻُوھِيو پيرَ، قَمَرُ پاڙي ڪيرَ، شَمسُ سُپَيرِيَن سين.[ سُر کنڀات - چنڊ ]
- مَھِندِ مُحتاجِي ڪَري، حُجَ وِڃائي ھَلُ، عُذرِخواھِيُون عاجِزيُون، سَسُئِي ڪَنھِن مَ سَلُ، ڏُونگَرُ ڏورَڻُ ڏاکَڙو، لَنئُن ري ڪونهي لَلُ، اِيءُ…[ سُر آبڙي - ويھُ مَ مُنڌ ]