ڀورو بابت
معنيٰ
اٻوجهہ، سادو، نادان، اڄاڻ.
Artless, innocent, simple.
بيتن ۽ وائين ۾
- ڳالِهہ ڪِينَ وَڃي، سُپيرِيان جي سَڌَ جِي، سُپيرِيان جي سُونھَن جِي، پُڇِجِ پوءِ پِريَتڻُون، پھرِين سِرُ سَڃي، عاقِلَ ئِي اوڄُونِ…[ سُر يمن ڪلياڻ - وايون ]
- ڀُونءِ تي ڀورو سِينءَ، جي وَھَڻُ اَچي ويلو ڪَري، سَنگَ پَچَندي سِينءَ، ڪانُو ڪايا نَہ ڇَڏي.[ سُر سھڻي - جيئري، ساھڙ ڌاران ]
- پَرَڏيھان پَنڌُ ڪَري، ھَلِي آيو ھُون، تُون اُوچو عَرشَنِ تي، آئُون ڀورو مَٿي ڀُون، ڪِيئَن تُسَندين تُون، سِرَ سُوالِي آھِيان.[ سُر سورٺ - سائل در آئيو ]
- سي تو وَھيءَ وِڃايام جٖي ڪَتَڻَ سَندا ڏِينھَن، اَرٽَ اوڏِيائي نَہ ٿِيين، ڀورِي ڀورو سِيئَن، تَندُ پَسَندِينءَ ڪِيئَن، ھاڻي تُون…[ سُر ڪاپائتي - چائت ۽ محبت ]
- اَڇا ڪوٽَ پَٽَنِ ۾، ٿو عُمَرُ اَڏائي، ڏَمِرِئو ڏيھَ ڌَڻِي، ڇاڄا ڇَڏائي، ڀورو ايِئَن نَہ ڀانئي، تَہ لوڪُ لاڏائُو ساٿَڙو.[ سُر مارئي - پائران پيھي آيا ]