پِيڙا بابت
معنيٰ
آزار، مصيبت، درد، سُورُ. ڪشٽَ. بيماري، روڳ، اگهائي. تڪليف
Pain, illness, sickness, difficulty, agony
بيتن ۽ وائين ۾
- اُٿِيارِي اُٿِي وِئا، مَنجهان مُون آزارَ، حَبِيبَ ھَڻِي وِئا، پِيڙا جِي پَچارَ، طَبِيبَنِ تَنوارَ، ھَڏِ نَہ وَڻي ھاڻِ مُون.[ سُر ڪلياڻ - عشق ۽ معشوق ]
- حَبِيبُ ئِي ھادِي ٿِئو، رَھنُما راحَتَ، پِيڙا نِئائُون پاڻَ سين، لاھي ڏيئِي لَتَ، سُپيرِيان صِحَتَ، ڏِنِيمِ مَنجهان ڏُکَندي.[ سُر ڪلياڻ - عشق ۽ معشوق ]