پِرِڀاتِ بابت
معنيٰ
باک، سج اُڀرڻ کان اڳ واري مھل. وڏو صبح ، صبح صادق ، پِرھ، ڍَڪي، علي الصباح.
The dawn, early morning. The name of a ragini or musical mode.
بيتن ۽ وائين ۾
- سَدا پُڇُ مَ سُهڻِي، اُونداھِي اَڌ راتِ ، پِريان ڏي پِرِڀاتِ، وانءُ ڏيٺاري ڏيھَ کي.[ سُر سھڻي - جيئري، ساھڙ ڌاران ]
- مَڪي کان ٿِي موٽِيُون، اُٺِيُون تي عَرَفاتِ، روضي پاسِ رَسُولَ جي، ريجَهہ ڪِيائُون راتِ، وِڄَڙِيُون پِرِڀاتِ، موٽِي مِصِرِ آيُون.[ سُر سارنگ - آگمجڻ ]
- وَسي سارِي راتِ، صُبوحَ جو ساھُ کَڻي، مَنجهيئِي مِينھُن پِرِيَنِ جو، جَي تَنَ ۾ ھوئي تاتِ، وِھاڻِيءَ پِرِڀاتِ، بادَلُ بَسِ…[ سُر سارنگ - بادل نيڻ ۽ مينھن ]
- ڪانڌَ تُنھِنجي پاندَ ري، سِيءَ مَران سَڀَ راتِ، ڪامِلَ ڪَپاھَنِ ۾، جَهپَ نَہ اَچي جهاتِ، اَچين جي پِرِڀاتِ، تَہ آئُون…[ سُر سارنگ - بادل نيڻ ۽ مينھن ]
- ڪيچِي ڪالَهہ ڪَھِي وِئا، اَدِيُون آڌِيءَ راتِ، جاڳان تان جيڪِي ٿِئو، وِھاڻِيءَ پِرِڀاتِ، ڦوڙائو فَقِيرِ کي، ڏِنو جَتَنِ سَندِيءَ ذاتِ،…[ سُر ديسي - واٽُون ۽ سُور ]
- رائو سَڄائِي راتِ، اوٺِيَنِ گهَڻو اُڇَلِئو، بِرَھمَڻِ کي بَرَ ۾، سَندِي بوتَنِ باتِ، وِڌائِين وَڻِڪارَ ۾، تَنُ پِريان جِيءَ تاتِ،…[ سُر ديسي - جبل ڏي نہ جواب ]
- لَيلَ نَہ جاڳِيئَن لِکَ سِيئَن، شامَ سُتِيئَن سَڀَ راتِ، اوڳِي اوٺِيَڙَنِ جا، پَھَ پُڇين پِرِڀاتِ، ٿِيءُ سَڳَرِ تَنِ جي ساٿِ،…[ سُر ڪوھياري - نِدورِي نِنڊ ]
- ھَلِي ھاڙِھي سامُھين، پُڻ وِھاڻِيَسِ راتِ، پِريان جا پِرِڀاتِ، اُڀِي پُڇي پَھِيڙا.[ سُر حسيني - وڳ قطارون ۽ ڪاروُن ]
- راوَلُ رَھي نَہ راتِ، جيڏِيُون مُنھِنجو راوَلُ رَھي نَہ راتِ، ڪوھُ ڪَرِيندِيَسِ ڪانڌَ ري، وِھاڻِيءَ پِرِڀاتِ، مِٽَ نَہ مَعذُورِيَنِ جا،…[ سُر رامڪلي - وايون ]
- پُورَڀِيا پُوري وِئا، آسَڻَ آڌِيءَ راتِ، سُئَمِ نَہ سَناسِيَنِ جُون، پَچارُون پِرِڀاتِ، ڪا جَا جوڳِي ذاتِ، جِيئَن مِٽَ نَہ مَعذُورِنِ…[ سُر پورب - جوڳي ]
- ڀينَرُ ڀِنِيءَ راتِ، مُون چَنيسَرُ چِتُ ۾، سُتو لوڪُ نِنڊُون ڪَري، مُون پِريان جِي تاتِ، سَڄَڻُ سِينءَ پِرِڀاتِ، مَنان مُورِ…[ سُر ليلا - ھاڻي ويٺي رو ]
- سَرَ ۾ سارِي راتِ، لَلي ٿِي لاتِيُون ڪِيُون، پَکِڙانڊيُون پِرِڀاتِ، ھَنجَ ھَڻَندي رَتِيُون.،[ سُر ڪارايل - اڇو آب ]