پُوڄارا بابت
معنيٰ
پوڄا ڪندڙ، پوڄيندڙ. پرستش ڪندڙ، عابد، زاھد.
Followers or disciples of the river priests, worshipers of the river, worshipers.
بيتن ۽ وائين ۾
- سيوا ڪَرِ سَمُنڊَ جِي، جِتِ جَرُ وَھي ٿو جالَ، سَئِين وَھَنِ سِيرَ ۾، ماڻِڪَ موتِي لالَ، جَي ماسو جُڙيئِي مالَ،…[ سُر سريراڳ - سيوا ۽ سار ]
- سي پُوڄارا پُرِ ٿِئا، سَمُنڊُ سيوِئو جَنِ، آندائُون عَمِيقَ مان، جُوتِي جَواھَرَنِ، لَڌائُون لَطِيفُ چئَي، لالُون مان لَهرِنِ، ڪانِهي قِيمَتَ…[ سُر سريراڳ - سيوا ۽ سار ]
- جَنِي ڪارَڻِ مُون، تَڙَ پُوڄارا پُوڄِئا، پُنِيَمِ اُمِيدُون، سيئِي سَڄَڻَ آيا.[ سُر سامونڊي - ڳرڻ ۽ چنتا ]
- ھوتَ سي ھَلَڻَ ھارا، جيڏِيُون ڪِيئَن ڪَرِيان آئُون اُنِ سين، کُوءِ پَلَنگَ ٻَنِ ماڙِيُون، کِيَڻَ ٿِيَڙَمِ کارا، سُونھَنِ سُپَيرِيَن جا،…[ سُر آبڙي - وايون ]