پَکَڙا بابت
معنيٰ
جهوپڙا، ننڍا گهر، گهرڙا، ڪکن مان ٺاھيل گهر، چنئورا
Nests, small houses, house build by wooden sticks, cottages
بيتن ۽ وائين ۾
- ويٺي جَنِي وَٽِ، ڏُکندو ڏُورِ ٿِئي، تُون تَنِي سين ڪَٽِ، اوڏا اَڏي پَکَڙا.[ سُر يمن ڪلياڻ - ويڄ ۽ دارُون ]
- پُڇان ٿِي توکي پانڌِي، ڪِٿي پِريان جا پَکَڙا، جِتان جَتَنِ لَڏِئو، پَکَي ڇَڻِئا پَنَ، جَرُ موتِيءَ جِيئَن ھارِئو، مُنھِنجي ھِينئَڙي…[ سُر سريراڳ - وايون ]
- وانءُ ڪُنڍِيُون ڪاھي، سيڙِھي سَنگهارَنِ جي، مِينھُن نَہ مَٽائي، اُنِهين سَندا پَکَڙا.[ سُر ڏھر - ڪاڇو ۽ سنگهار ]
- چَلِئا کَڻِي چَنجُورَ، اوڏا اُلوڙي پَکَڙا، کَنيائُون تَنھِن کُوڻِ، جيڏانھَن لاکي لَڏِئو.[ سُر ڏھر - لاکو ڦلاڻي، ريٻاڙي ۽ اوڏ ]
- جهُڙ ڦُڙِ جِتِ ٿِيانِ، اُتِ اَڏِئائُون پَکَڙا، ھِنَ مُنھِنجي حالَ جو، قَدُرُ نَہ ڪيڻانِ، جيڪُسِ آئُون وِسَرِيانِ، مارُو قُوتِ قَرارِئا.[ سُر مارئي - آڻين چاڙهين، سون برابر سڳڙا ]