پَٿِراڻِي بابت
معنيٰ
ڪپڙي جي غلاف ۾ وجهي ٺاهيل وڇاڻو کٽ توڙي پٽ تي وڇائڻ لاءِ.
A quilt, cloth for bed.
بيتن ۽ وائين ۾
- ماءُ وِھاڻو وارِ، کَڻُ پَٿِراڻِي پانھِنجي، جيڪِي ڏِنُئِي ڏيجَ ۾، سو سَڀوئِي سارِ، وَڃان ٿِي وَڻِڪارِ، ڏِٺُمِ پيرُ پُنهونءَ جو.[ سُر حسيني - ٻاروچا، فراق ۽ وصال ]
- ڇِپُون ڇَپَرَ کَٽَ، پَھَڻَ پَٿِراڻِيُون ڀايان، جِتي رَھان راتِڙِي، مِرُون مُون مائِٽَ، سيڻَنِ جِيءَ سَھَٽَ، ڏُونگَرُ مُون ڏُئِلِي ٿِئو.[ سُر حسيني - ٻاروچا، فراق ۽ وصال ]
- پَلٽِئو پَنجِينءَ رَتِ ۾، رُپو سونُ سَبِيلَ، پَلَنگَ پَٿِراڻِيُون پالِڪِيُون، نَوَ لَکَ ناڻي نِيلَ، داتا وَٺان نَہ دانَ ۾، وَنءُ…[ سُر سورٺ - سائل گهُري سِر ]