ياقُوتَ بابت
معنيٰ
جواهر جو هڪ قسم، قيمتي پٿر جو هڪ قسم، چمڪندڙ ڳاڙهي رنگ جو هڪ جواهر، لعل (نٿن ۾ پوندڙ)، ياقود، موتي، ماڻڪ.
Ruby, kind of a precious red stone, kind of a jewel.
بيتن ۽ وائين ۾
- ڳَلِ ڳانا ياقُوتَ جا، موتِي مَنجِهين مالَ قَطِيفِيءَ جِي ڪَرَھا، ھَيدِي پائِيَئِين حالَ، چَندَنُ چارِيَئِين جالَ، جَي مُون راتِ رَساڻِيين.[ سُر کنڀات - ڪرھو، چانگو، اٺ ]
- ڳَلِ ڳانا ياقُوتَ جا، موتِيَنِ ڳُتِيَسِ مَھارَ، چانگا چَندَنُ چارِيَيِئن، اَٺَئِي پَھرَ اَپارَ، سَندِيءَ پِيَ پَچارَ، جَي مُون راتِ رَساڻِيين.[ سُر کنڀات - ڪرھو، چانگو، اٺ ]
- ماڻِڪُ ڦُٽِرو، توڙي ھِيرو ھوءِ، جوھَرُ اِنَ ياقُوتَ جو، اُھِسُ اڳاھُون پوءِ، ماڻِڪُ مُحَّمَدُ ھوءِ، اُونداھِيءَ ۾ سوجِهرو.[ سُر سريراڳ - صراف ۽ جوھري ]
- پاوَنگُ اُڀو پِڙَ ۾، ھَڻي ھَزارِي ھولُ، ھِيري لالَ ياقُوتَ جو، ڪامِلَ سِرِ ڪَنگولُ، رَتو رَتَ رَتولُ، مولِهِيو مِيرَ حُسينَ…[ سُر ڪيڏارو - عليءَ جو اولاد ]
- قَدَمَ ڪاپَڙِيَنِ جا، لَڳا ۾ لاھُوتَ، جَنِي سين ياقُوتَ، آئُون نَہ جِيئَندِي اُنِ ري.[ سُر رامڪلي - آءٌ نہ جِيئندي ان ري ]