وِلَهہ بابت
معنيٰ
ماٽَ، ماڪ، ساٽ، اوس . آلاڻ، ٿڌ، گهميل هوا، گهمَ . ڏاڍي ٿڌ، سياري ۾ ٻاهر سمهڻ جي حالت.
Dew, a damp wind.
بيتن ۽ وائين ۾
- اُڀِرُ چَنڊَ پَسُ پِرِين، تو اوڏا مُون ڏُورِ، سَڄَڻَ سُتا وِلَهہ ۾، چوٽا ڀَري ڪَپُورُ، پيرين آئُون نَہ پُڄَڻِي، ٻاٻَلُ…[ سُر کنڀات - چنڊ ]
- ڪَنَ ڪَٽَ ڪاپَٽَ ڪاپَڙِي، مَٿِنِ بانَ بَرِي، اورِيندي الَکَ سين، وِيَنِ وِلَهہ وَرِي، پَسو پَتِ پَرِي جِيجان جوڳِيَڙَنِ جِي.[ سُر رامڪلي - ڪن ڪٽ ڪاپٽ ڪاپڙي ]
- آئُون ڪِيئَن سَوَڙين سُمَهان، مُون وَرُ گهاري وِلَهہ؟ کَٿيرِيءَ تان کِلَ، عُمَرَ ڪِجِ مَ اِھَڙِي.[ سُر مارئي - سَوڙ سمهڻ، مينڍا ڌوئڻ ]