وَڙو بابت
معنيٰ
لڇڻ وارو، افعال وارو، شائستو، لائق، محسن، مھربان، عنايتون ڪندڙ، نوازشون ڪندڙ، ڀلو، ايڇپو، چڱو.
Generous, noble, person having goodness, donor, ethical man.
بيتن ۽ وائين ۾
- ويھُ مَ مُنڌَ ماٺِ ڪَري، اُٿي وِجُهہ وَڙولَ، سُتِيُنِ تان سَيِّدُ چئَي، ھَمَ غَمَ اَچَنِ ھولَ، ٻَھُون پاري ٻولَ، ڪامِلُ…[ سُر آبڙي - ويھُ مَ مُنڌ ]
- ڪوڪَھِين جو، جَي ڪُتو ڪوٺائي، وَڙو جَي بي وَڙو، اُنَهنِ جو آھي، لائِقُ لوڌَ آھي، پَرَ لوڌِينِسِ نَہ لوڌِ مان.[ سُر کاھوڙي - سَپ، جهنگُ، ڪُتي ڪوڪار ]
- اَبَڙو وَڏَ وَڙو سُوَڙو، سامُون جَهلي، سوٺا سَھي، سَمُو سُونھَن سَڀَنِ، تو مَنِ تُرِڪَ اَچَنِ، ڪِيئَن ڪَرِيندين ڪَڇَ ڌَڻِي.[ سُر بلاول - سمو سلطان ۽ ابڙو ]
- لوءِ وَڃِي ڪا چوءِ، مُنھِنجو مارُوئَڙَنِ کي، ڇانگان ڇِڄي ڇيلَڙو، جَي ڪَنھِن جو هوءِ، صَحِي وَڙولِينِ سوءِ، آئُون ڪِيئَن وييسِ…[ سُر مارئي - جيھا جي تيھا ]