وَلِيُنِ بابت
معنيٰ
ٻوٽن جون وليون، جيڪي ڪنھن مٿان چڙهي وڃن
Espalier
بيتن ۽ وائين ۾
- مَيي ماڪائِي، وِڌو واتُ وَلِيُنِ کي، خَبَرَ ٿِي کيٽَ ڌَڻِيَنِ کي، وِڏُوڙِئا واھِي، ڪَرَھي ڪاڪَتَ ڇَڏِي، وَريسِ نَہ وائِي، چانگي…[ سُر کنڀات - ڪرھو، چانگو، اٺ ]
- آيَلِ ڪَرِيان ڪِيئَن وو مُنھِنجو نِينھُن پَلِئو نَہ رَھي، سامُونڊِيءَ جي سَڱَ کي، رُئان راتو ڏِينھَن، مادَرِ پائي مُنڊِيُون، وَڃان…[ سُر سامونڊي - وايون ]
- ڏِٺي ڏِينھَن ٿِئامِ، ڪوھُ ڄاڻان ڪِھَڙا پِرِين، وَلِيُنِ جِيئَن وَرِيامِ، ڳالِهيُون ڳُڻَ پِرِيَنِ جا.[ سُر سھڻي - تران، سڀت، ڏٺي ڏينھن ]
- راتِ وِھامِي ڏِينھُن ٿِئو، پِرِين آيو پاڻَ، اَچِي مِيرَ مَينڌَري، ڪامِلَ لاٿِي ڪاڻِ، وَڻَ ٽِڻَ وَلِيُنِ ڇانيا، وُٺا سَڀَ وَٿاڻَ،…[ سُر راڻو - موٽ ۽ پرچ راڻا ]