ووڙِينِ بابت
معنيٰ
ڳولڻ، ڳولا ڪرڻ، ڍونڍڻ، ڏورڻ، ولاڙڻ، سُوجهڻ، هٿ ڪرڻ، ڪنھن بہ شئي جي ڳولا ۾ رلڻ، پٺيان پوڻ. ڳولهڻ ، ڦولهڻ، پڇڻ، جهاڳڻ، رُلڻ، رمَڻ، ڀٽڪڻ، گهمڻ، ڀڻڻ، ڀَنوڻ، لُٽِڪڻ، ڀرمڻ. اُجهڙڻ، کوجڻ. گهُرڻ، چاهڻ. لڳائڻ، منڊڻ، ٺاهڻ، شروع ڪرڻ.
Seeking, finding, roaming, exploring, searching
بيتن ۽ وائين ۾
- وَحدَہٗ جٖي وَڍِئا، الاللهَ سين اورِينِ، ھِنيُون حَقِيقَتَ گَڏِئو، طَرِيقَتَ تورِين، مَعرِفَتَ جِيءَ ماٺِ سين، ڏيساندَرَ ڏورِيِن، سُکَ نَہ سُتا…[ سُر ڪلياڻ - يڪتائي ]
- ڏوٿِي سا ڏورِينِ، جا جُوءِ سُئِي نَہ ٻُڌِي، پاسا مَٿي پاھَڻين، کاھوڙِي کوڙِينِ، وِئا تِتِ ووڙِينِ، جِتِ نِھايَتَ ناھِ ڪا.[ سُر کاھوڙي - ڏوٿِي، ڏُٿ، ڏُونگر ]
- ويراڳِي وارَنِ کي، ڇَوِيھِينءَ ڇوڙِينِ، لايو خاڪِ لِڱَنِ کي، جَٽائُون جوڙِينِ، سِڱِيُون نِيو سُڃَ ۾، کاھوڙِي کوڙِينِ، ويتَرِ ٿا ووڙِينِ،…[ سُر رامڪلي - ڏھاڙي وارتا ]
- ويڙِھِيُون جَنِ ٻانھُنِ ۾، ڍيرِيُون ٿا ڍيرِينِ، ڪوڪَڙُ پَنھِنجي قُوتَ لاءِ، وَڻَنِ ۾ ووڙِينِ، ٻِي ڀيلَ نَہ ڪا ڀيلِينِ، تَنِ…[ سُر مارئي - مارُن جو حال ]