واڍو بابت
معنيٰ
ڪاٺ کي وڍڻ جو ڪم ڪندڙ، وڍيندڙ. ڪاريگر، سُوٽھڙ، ڊکڻ. درودگر، نجار.
A carpenter, a woodworker.
بيتن ۽ وائين ۾
- ڪُھَنِ ۽ ڪوٺِينِ، اِيءَ پَرِ سَندي سَڄَڻين، سُورِيءَ چاڙِھِئو سُپِرِين، ڏَنڀَ ڏِھاڙئو ڏِينِ، ويٺا وِرھُ وَٽِينِ، آءُ واڍوڙِئا وِھاءِ تُون.[ سُر ڪلياڻ - عشق ۽ معشوق ]
- ڪانارِئا ڪُڻِڪَن، جَنِي لوھُ لِڱَنِ ۾، مَحَبتَ جي مَيدانَ ۾، پِئا لالَ لُڇَنِ، پاڻِهين ٻَڌنِ پَٽِيُون، پاڻِهين چِڪِئا ڪَنِ، وَٽان…[ سُر يمن ڪلياڻ - حبيب ۽ طبيب ]
- رَھِي اَچِجي راتِڙِي، تَنِ واڍوڙِيَنِ وَٽاءَ، جَنِ کي سُورُ سَرِيرَ ۾، گَهٽَ مَنجهان را گهاءَ، لِڪائَي لَوڪاءَ، پاڻِهين ٻَڌنِ پَٽِيُون.[ سُر يمن ڪلياڻ - حبيب ۽ طبيب ]
- واڍوڙِڪِيءَ مَنَھِينءَ، اَڄُ پُڻ ڪَنجهو ڪَنجَهہ، جَي پُڻ پَييَنِ سَنجَهہ، تَہ ھُو پِنِيُون ھُو پَٽِيُون.[ سُر يمن ڪلياڻ - حبيب ۽ طبيب ]
- واڍوڙِڪِيءَ مَنَھِينءَ، اَڄُ پُڻ ڪِھَڙي دانھَن، ويڄَ وَرائي ٻانھَن، چوري چاڪَ نِھارِئا.[ سُر يمن ڪلياڻ - حبيب ۽ طبيب ]
- ويچارا واڍوڙَ، سَدا شاڪِرَ سُورَ سين، تاڻِين مَٿي توڙَ، اوري ڪَنِ نَہ آسِرو.[ سُر يمن ڪلياڻ - حبيب ۽ طبيب ]
- واڍوڙِيَنِ وائِي، سَدا آھي سُورَ جِي، جيڪا اَٿِنِ مَنَ ۾، سَلَنِ نَہ سائِي، اوڙَڪِ اِھائِي، ڳولِئَو ڏِسَنِ ڳالِهڙِي.[ سُر يمن ڪلياڻ - حبيب ۽ طبيب ]
- سَگَهنِ سُڌِ نَہ سُورَ جِي، تَہ گهايَلَ ڪِيئَن گهارِينِ، پِئَلَ پاسو پَٽَ تانْ، واڍوڙِئا نَہ وارِينِ، پَر ۾ پَچَنِ پِرِينءَ…[ سُر يمن ڪلياڻ - حبيب ۽ طبيب ]
- سُورِھَہ مرِين سوڀَ لاءِ، تَہ جَنگِ جامي سين جوڙِ، آرَڻِ تيغَ عِشقَ جِي، تَنھِن کان مُنھُن مَ موڙِ، وَھمَ حِيلا…[ سُر ڪيڏارو - پرھ پکي آيو ]
- ڏُکِيءَ سَندِيُون ڏُونگَرين، وَڻَ ٽِڻَ وايُون ڪَنِ، وَٽان ويئِي جَنِ، وَڍِيءَ سي واڍوڙِئا.[ سُر معذوري - ڏُکِيءَ ڏک ]
- وَڍِيءَ سي واڍوڙِئا رَتُ نَہ ڏِٺو جَنِ، مَوتُ قَبُولِئو تَنِ، ڏِٺو جَنِ ڏُکِيءَ کي.[ سُر معذوري - ڏُکِيءَ ڏک ]
- ڏُونگَرَ تُون ڏاڍو، ڏاڍو ڏاڍايُون ڪَرِين، مُون تَنَ اَندَرِ تِيئَن وَھين، جِيئَن وَڻُ وَڍي واڍو، ڪَرَمَ جو ڪاڍو، نَہ تَہ…[ سُر ڪوھياري - ڪوھ سان ڪچھري ]
- جَي تُون آسائو آھِين، تَہ ھَلِي پَسُ حَبِيبُ، تُرِتَ ۾ طَبِيبُ، ٿِيندو وَڏَلُ واڍوڙِيَنِ جو.[ سُر بلاول - مجوسِي، ڄام ۽ جادم ]