نِظارو بابت
معنيٰ
ڏسڻ واري حالت، نگاھ، نظربازي، ديداربازي، ڏيک، منظر، لقاءُ، ڏيکاءُ. سونھن، سوڀيا، حسن.
Viewing, looking, prospect, an open view, a place which affords an extensive prospect, splendor, beauty.
بيتن ۽ وائين ۾
- جانِي آيو جُوءِ ۾، ٿِيُمِ قَلبُ قَرارُ، وِچائِين وَھِلو وِئو، لَٿو غَمُ گُسارُ، نِظارو نِروارُ، پِيَ پَسايُمِ پانھِنجو.[ سُر سارنگ - آگمجڻ ]
- پِرِينءَ پَسايو پانھِنجو، نِظارو ناگاھَ، لَٿِي ڪَٽُ قُلُوبَ تان، ٿِي وِرُوھَڻَ واھَ، اُمِيدُون اَرواحَ، پِيَ پَسَندي پُنِيُون.[ سُر سارنگ - آگمجڻ ]
- روضي تان رَسُولَ جي، ڪِئو وِڄَڙِيُنِ وارو، ھادِي ڀَرِ حُڪُمَ سين، ھِيءُ تَڙُ تاسارو، ڀَرِيائِين ڀيرَ پَئِي، نَظَرَ سين نارو،…[ سُر سارنگ - آگمجڻ ]
- ڪامِلَ ڪَربَلا ۾، آيا جُنگَ جُوانَ، بَھادُرَ گَڏِئا بَھادُرين، شيرَ وَڏي سان شانَ، ڌَرَتِي ڌُٻِي لَرزِي، ٿَرٿَلِئا آسِمانَ، ڪَرَھَ ھُئِي…[ سُر ڪيڏارو - ڪامل ڪربلا ۾ ]