نَڪَنِ بابت
معنيٰ
جاندارن ۾ ساھ کڻڻ جا عضوا، نڪ جن ۾ ناسُون ٿين
The noses.
بيتن ۽ وائين ۾
- ناڪيلِيُون نَڪَنِ ۾، ھَلِئا ساڻُ ھِمَٿَ، جِيءُ مُنھِنجو جيڏِيُون، وَڃَنِ جهورِيءَ وِجهئو جَتَ، ھُنِ جا واڳُنِ مَٿي ھَٿَ، آئُون پاڳوڙانِ…[ سُر ديسي - جَت نہ مِٽَ ]
- اُنِ کي ناڪيلِيُون نَڪَنِ ۾، ھَلِئا ھُوءِ ڪَري، آرِي ڄامُ اُٺَنِ تي، واڪِئان تان نَہ وَري، ھُنِ تان پُنڌُ پَري،…[ سُر ديسي - جَت نہ مِٽَ ]
- ناڪيلِيُون نَڪَنِ ۾ پاتائُون پَلاڻَ، لاٿائُون لَطِيفُ چئَي، سَندا ڏاگهَنِ ڏاڻَ، سَنجهي وِئا سَرواڻَ، آئُون پاڳوڙانِ پُڄِئو رُئان.[ سُر ديسي - جَت نہ مِٽَ ]
- ناڪيلِيُون نَڪَنِ ۾ جَڙِيائُون جُهوڙا، مِنَٿَ مُون مَعذُورِ جِي، مَڃِئائُون نَہ مُوران، ساٿِي سَنڀوڙا، آئُون پاڳوڙانِ پُڄِئو رُئان.[ سُر ديسي - جَت نہ مِٽَ ]
- جَنِي سَندي مُنھَن ۾، نِھايُون نَڪَنِ، تَنِ مان وَڍِئو ھِڪِڙو، ڪِھَڙو ٿورو تَنِ.[ سُر راڻو - سوڍي صبر ۽ ڍولي ڍَڪِي ]