نالو بابت
معنيٰ
نانءُ، اسم، ناموس، ساراھ، نيڪي، مشھوري، جس، ڌاڪو، ھڪل، ناماچار، شھرت
A name, appellation. A noun.
بيتن ۽ وائين ۾
- سُورِيءَ سَڏُ ٿِئو، ڪا ھَلَندِي جيڏِيُون، وَڃَڻُ تَنِ پِئو، نالو نِينھَن ڳِنَھَن جِي.[ سُر ڪلياڻ - سُوري، ڪاتي ۽ زھر ]
- پھرِين ڪاتِي پاءِ، پُڇِجِ پوءِ پِريَتڻُون، ڏُکُ پِريان جو ڏِيلَ ۾، واڄَٽَ جِيئَن وَڄاءِ، سِيخُنِ ماھُ پَچاءِ، جَي نالو ڳِيَڙءِ…[ سُر ڪلياڻ - سُوري، ڪاتي ۽ زھر ]
- تُون سُکَنِ جُون سَڌُون ڪَرِين، سيڻَنِ سُورُ سُھاءِ، اَنگُهنِ جِيءُ اَڙاءِ، جانۡ نالو ڳِيَڙءِ نِينھَن جو.[ سُر يمن ڪلياڻ - سِڪ ۽ عاشقي ]
- ڪارِي راتِ ڪَچو گهَڙو، اُڻَٽِيھِين اُونداھِي، چَنڊَ نالو ناھِ ڪو، دَرياھَ دَڙَ لائِي، ساھَڙَ ڪارَڻِ سُهڻِي، آڌِيءَ ٿي آئِي، اِيءُ…[ سُر سھڻي - الست ارواح، کامڻ پچڻ ]
- تو سين ٻولَ ٻَھُون، سَھِسين ساڄَنُ جي ڪَري، ڪَندِينءَ توءِ ڪَھُون، جَي نالو ڳِيَڙءِ نِينھَن جو.[ سُر آبڙي - سُک، ڏُک ۽ ارادا ]
- سُتِيءَ سي نَہ سِياءَ، جٖي ڪوھِيارا ڪيچَ جا، اَنگهُنِ چَڙِهئو آءُ، جان نالو ڳِيڙُءِ نِينھَن جو.[ سُر حسيني - لَڪ لَڪيُون ۽ ڪُٺل ]
- جيڪي ڪَرِيان اِيئَن، جِيئَن ڪَمِيڻِي ڪا نَہ ڪَري، سَندو نالو نِينھَن، ڪَڏِھِين وَٺي ڪا نَہ ڪا.[ سُر حسيني - سؤُ سُک ۽ طالب، تات ]
- نِينھَن مَ نالو ڳِنُ، پِريَتَڻي پيرَ ٻِئا، سُورَنِ سان مَ ڇِنُ، وِرھُ وِھائِجِ وِتَرو.[ سُر حسيني - سؤُ سُک ۽ طالب، تات ]
- جَڙَ گهوڙا ڀَڙَ گهوٽِيا، تَڙَ جُون تَڪُون ڪَنِ، نَوَ ڄَڻِيُون ناتَرِيُون، پانوڙِيُون پُڇَنِ، ھي گهَرَ سَندائِي ڪَنِ، ڇا نالو گامَ…[ سُر راڻو - ڪاڪ قاصد ۽ آسڻ ]
- اللهَ جِيئَن نالوءِ، تِيئَن مان وَڏو آسِرو، خاوَندَ تُنھِنجِيءَ کانڌِ جو، پَرو نَہ پاندُ ڪو، نالو رَبَ سَندوءِ، رَھِيو آھي…[ سُر ڏھر - نانءُ، ٻاجهہ ۽ ڪانڌ ]
- مِٺو جِيئَن نالوءِ، تِيئَن مُون وَڏو آسِرو، تو دَرُ ناھِ جِھو، مُون ٻِئا دَرَ گَهڻا نِھارِئا.[ سُر ڏھر - نانءُ، ٻاجهہ ۽ ڪانڌ ]
- وَجَھَ مَنجِهہ خَلِيلُ، اَندَرِ آذَرُ آھِين، مُنھَن ۾ مُسلِمانُ تُون، قَلبُ تان قَلِيلُ، سَڌَ مَ ڪَرِ صِحَتَ جِي، اَڃا تُون…[ سُر آسا - وايون ]