نائُڪَ بابت
معنيٰ
نوڪ، چھنب، تير جي نوڪ، ڪنھن بہ ھٿيار جي چھنب جيڪا تکي ھجي
An instrument for rounding sticks or arrows with.
بيتن ۽ وائين ۾
- جِتي حَبِيبَ ھَڻَنِ، ڀَري نائُڪَ نِينھَن جي، تِتي طَبِيبَنِ، وَڃي وِڄا وِسَرِي.[ سُر يمن ڪلياڻ - حبيب ۽ طبيب ]
- اُٺَ نَہ وَڃي وَڳَ سين، چَري نَہ چانگو، لَگيَس نائُڪَ نِينھَن جِي، نِھوڙِئو نانگو، ڇڏِئو سِرَ سانگو، رِڙھي رَندِ پِرِيَنِ…[ سُر کنڀات - ڪرھو، چانگو، اٺ ]
- ڏاجَنِ تي ڏاجا، ڏُکِيءَ جي ڏُکَنِ جا، لَڳِيَسِ نائُڪَ نِينھَن جِي، ڪُڙِھ اَندَرِ ڪا جَا، ٿَرَنِ مَنجِهہ ٿاجا، ڪَري مُنڌَ…[ سُر ديسي - وديسي وَرُ ]
- اچِي پَسو جيڏِيُون، جيڪِي رائي راتِ ڪِئو، لَڳِئَمِ نائُڪَ نِينھَن جِي، ڌُٻِي ڌَڙُ پِئو، سوڍي سِرُ نِيو، نا تَہ مُون…[ سُر راڻو - ڪاڪ قاصد ۽ آسڻ ]