مَھِراڻُ بابت
معنيٰ
سنڌونديءَ جو قديم نالو. (اصطلاح) بحر، ساگر.
The river Indus, a river, the sea.
بيتن ۽ وائين ۾
- سامُونڊِي ٿو سَنبَھين، ساڄو جَهلِ سُکانُ، لَڳي واءُ وَڏاندَرو، مُنجهائي مَھِراڻُ، جَنِي ڀانيو پاڻُ، ڪَري تَوائِي تَنِ کي.[ سُر سريراڳ - جيون ۽ جھاز ]
- راتِ اُونداھِي ريءَ گَهڙي، نَہ ڪا سِيڻاھِ ساڻُ، وِجِهي ويرَ مَ نَہ ڪَري، پِريان ڪارَڻِ پاڻُ، مَحَبتَ کي مَھِراڻُ سُڪِي…[ سُر سھڻي - الست ارواح، کامڻ پچڻ ]
- سَوين سائِرَ ٻوڙِيُون، مُنڌَ ٻوڙِئو مَھِراڻُ، وَھَ وِڃايو پاڻُ، ھَڻي ڪَنڌُ ڪَپَنِ سين.[ سُر سھڻي - جيئري، ساھڙ ڌاران ]