مَڪُڙا بابت
معنيٰ
ٻيڙا، بتيلا.
Boats, small ships.
بيتن ۽ وائين ۾
- ھِڪِي ٻانِهي چِتَ ۾، ٻِي اللهُ ڪَري، پاڻِهين وِجِهي ڪُنَ ۾، پاڻِهين ڪَنڌِي نِئي، سُتَڙِ سي ڍوئي، جٖي تَڙِ تَوائِي…[ سُر سريراڳ - سيوا ۽ سار ]
- ھِڪِي ٻانِهي چِتَ ۾، ٻِي ڪَري جوڙَ جَبارُ، پاڻِهين وِجهي ڪُنَ ۾، پاڻِهين اُڪاري آڌارُ، جَھازُ جَوھَرِيءَ جو، تَنھِن کي…[ سُر سريراڳ - سيوا ۽ سار ]
- گهاتُو گهڻيئِي ھُئا، مَٿي ھِنَ مَھِراڻَ، تانگهَہ نَہ لَڌِي تارُئين، سَندِي سِيرَ سِٽاڻَ، لاڄُو ڇِنا لَھِرِيين ڀَڳا سِڙَه سُکان، ڪُنَنِ…[ سُر سريراڳ - جيون ۽ جھاز ]
- ھُو پُڻ ڏِينھَن ڏِٺاءِ، ھِي پُڻ سائِرَ سَنبِرين، اَڳَ ٿي ٻوڙِيَئِي ٻَہ ڪَنڌِيُون، ھانِ جَمِيعَتَ وَھين جاءِ، اَچِيو تَڙِ ڍُڪاءِ،…[ سُر سھڻي - سانوڻ، سيارو گهڙي ۽ گهوري ]
- ھُو پُڻ ڏِٺَئِي ڏِينھَن، ھِي پُڻ سائِرَ سَنبِرين، تَڙِ گهِڙَندي اِيءَ، ڀَتو ڀَتين مَڪُڙا.[ سُر سھڻي - سانوڻ، سيارو گهڙي ۽ گهوري ]
- تَرِيُون پَسان نَہ تارِ ۾، جُهڳا جاءِ نَہ ڪَنِ، مادَرِ مَلاحَنِ، ماڳِ نَہ ڍويا مَڪُڙا.[ سُر گهاتو - ڪو جو قھر ڪلاچ ۾ ]
- اُڀِي اوسَڙان اُسَ ۾، جَهلِئو ڪُنَ ڪِنارَ، گهاتُو گهَرِ نَہ آيا، وَڏِي لَڳيَنِ وارَ، ھُيَسِ جَنِي ھارَ، سي موڙي چُرِئا…[ سُر گهاتو - ڪو جو قھر ڪلاچ ۾ ]