مَڃُ بابت
معنيٰ
قبول ڪر، باسِ، منظور ڪر، سچ سمجهہ، صدق رک، ادب ڪر، مان ڏي
Believe, accept
بيتن ۽ وائين ۾
- وَحۡدَہٗ لا شَرِيڪَ لَهٗ ، جانۡ ٿو چَئِين اِيئَن، تانۡ مَڃُ مُحَّمَدُ ڪارَڻِي، نِرتو مَنجهان نِينھَن، تان تُون وَڃِئو ڪِيئَن،…[ سُر ڪلياڻ - يڪتائي ]
- مَيا مَڃُ مِنَٿَ، اَڄُ مُنھِنجِي ڪَرَھا، جهاڳِيندي جَرَ پَٽِيُون، مَتان ڪَرِيين ڪَٿَ، سُپيرِيان جي سَٿَ، مُون کي نيئِي ميڙِيين.[ سُر کنڀات - ڪرھو، چانگو، اٺ ]
- آئُون ڏورِيين شالَ مَ لَھين ساڄَنَ مَڃُ سُوالُ، سِڪَ تُنھِنجِيءَ سُپِرِين ٿِيي جانِ زَوالُ، وِھاڻِيءَ وِصالُ، اُٿِيان آرامِي ڪَري.[ سُر حسيني - ڏورِڻ ۽ ڏسڻ ]
- آن ڪي ساٿِي ڏِٺَ، جٖي مُون ويڙِھ وِڃايا، رُئان رَتُ مَڃُٺَ، ھاڻي تَنِ ھوتَنِ کي.[ سُر حسيني - جِيئڻُ ۽ مَرڻُ ]
- ڳاڙھا ڳَنَ ڪُھاڙِيين، لاکِيُون لويُون جَنِ، ميڙي رَتِيُون مَڃُرَ مان، پاڳُون پَنوَھارَنِ، تُون ڪِيئَن سَندِيُون تَنِ جَهنگان آڻِئو جَهِليين.[ سُر مارئي - مارُن جو حال ]