مَنڊَلَ بابت
معنيٰ
ماڙيون. ميڙ، جماعتون، ٽوليون. مجلسون.
Assemblies, meetings for a feast or amusement.
بيتن ۽ وائين ۾
- مُندَ ٿِي مَنڊَلَ وِڄِئا، تاڙي ڪَئِي تَنوارَ، ھارِيُنِ ھَرَ سَنباھِيا، سَرَھا ٿِئا سَنگهارَ، اَڄُ مُنھِنجي يارَ، وَسَڻَ جا ويسَ ڪِئا.[ سُر سارنگ - بادل نيڻ ۽ مينھن ]
- مُندَ ٿِي مَنڊَلَ وَڄِئا، آيو جُهڙُ جهاٽِي، ھيڪُ اَرِزان اَنُ ٿِئو، ٻِئو مَکَڻُ مَنجِهہ ماٽِي، ڪَلمي سين ڪاٽِي، لاٿَمِ ڪَسُ…[ سُر سارنگ - بادل نيڻ ۽ مينھن ]
- مُندَ ٿِي مَنڊَلَ وَڄَئا، ڳورِي پِيُ ساري، وَڏَ ڦُڙو واڪا ڪَري، اُٺو اوتاري، کَرڪَڻُ ڪَڍي ڇڏِئو، مينهِڙِيَنِ ماري، ڪَڪَرَ اَڄُ…[ سُر سارنگ - بادل نيڻ ۽ مينھن ]