مَلُورَ بابت
معنيٰ
مَلُولُ، مايُوس، دلگير، غمگين، اُداس، ڏکويل، ڏُکارو، ڏک ڀريو، دردي، غمناڪ. ماندو، ساڻو، حيران، پريشان، سرگردان.
Fatigued, tired, weary, languid, grieved, sad, dejected, melancholy, out of spirits.
بيتن ۽ وائين ۾
- مَڇُڻ ٿِيين مَلُورَ، ڪِينَ اَڳاھِين، آھِين، ڏِسَڻَ ڪَري ڏُورِ، حَدَ ٻِنِهِي جِي ھيڪِڙِي.[ سُر حسيني - ڏورِڻ ۽ ڏسڻ ]
- ڪالَهہ ڪَلاچِيءَ وِئا، گهاتُو ڪَري گهُورَ، مادَرِ مَلاحَنِ جا، ويٺِي سَھان سُورَ، مُون کي ڪَري مَلُورَ، اُونِهي وِئَڙا اوھَرِي.[ سُر گهاتو - ڪو جو قھر ڪلاچ ۾ ]
- مَحَلين ماندِي مارُئِي، ڏِٺِيَمِ مُنھِن مَلُورَ، اَڻَڀو سَڻَڀو نَہ ڪَري، سُونھَن وِڃايَسِ سُورَ، پِئَسِ لوھَ لَطِيفُ چئَي، لَٿَسِ ڪوڏَ ڪَپُورَ،…[ سُر مارئي - سَوڙ سمهڻ، مينڍا ڌوئڻ ]