لَڙُ بابت
معنيٰ
پوئتي موٽ، گوٿ ناٿ ڪر، نٽ نٽاءِ، نٽاءِ، واپس ٿي، سست ٿيءُ، واپس ڀيرو ڪر، ڦِر
Return, come back, scuffle, become faint, ignore
بيتن ۽ وائين ۾
- لَڙُ مَ لاڙائُو ٿِئو، ھَلِي ڪَرِ ھِمَٿَ، سِڄُ سامُهُون مُنھَن ۾، ڪَھَ ۾ ڪِجِ مَ ڪَٿَ، سُپيرِيان جي سَٿَ، ڳاڙهي…[ سُر حسيني - لَڙُ مَ لاڙائُو، جِيءُ ۽ آتڻ ]
- لَڙُ مَ لاڙائُو ٿِئو، گُهتُون گوھِيُون ڇَڏِ، لَڏو لاھِ مَ لَڏِ، تَہ ڳاڙهي سِجِ ڳالِهہ مِڙين.[ سُر حسيني - لَڙُ مَ لاڙائُو، جِيءُ ۽ آتڻ ]
- لَڙُ مَ لاڙائُو ٿِئو، لاھِ مَ لَڏو لَڏِ، ساٿَ پِريان جي سَڏِ، تَہ مُنڌَ ميڙائو تو ٿِئي.[ سُر حسيني - لَڙُ مَ لاڙائُو، جِيءُ ۽ آتڻ ]
- لَڙُ مَ لاڙائُو ٿِئو، وَرَ چُونڊِيندِي وَڃُ، آھي اِي اُھُڃُ، ھاڙھي ھَلَندِيُنِ جو.[ سُر حسيني - لَڙُ مَ لاڙائُو، جِيءُ ۽ آتڻ ]
- لَڙُ مَ لاڙائُو ٿِئو، موڙي مَرُ مَ پيرُ، آرِيءَ لَيءِ اُليرُ، ڏيئِي مَرِجِ ڏُونگَرين.[ سُر حسيني - لَڙُ مَ لاڙائُو، جِيءُ ۽ آتڻ ]
- والِي وَڳَ مَ ڍارِ، ھِنَ پَرائي ديسَ ۾، چِيھو چِلَڙُ چِڪَ ٿِي، وَڳَ اِتائِين وارِ، ڏِئُمِ ڪالَهہ پَرارِ، لاکو لوڙائُنِ…[ سُر ڏھر - اڄ گهرجين تُون ]