ليکي بابت
معنيٰ
حساب ۾، شمار ۾، خيال ۾، (جيئن منھنجي ليکي ۾) ڀيٽ ۾
In comparison with.
بيتن ۽ وائين ۾
- سُورِيءَ مَٿي سيڻَ، ڪِھَڙي ليکي سَنِرا، جيلاھَ لَڳا نيڻَ، تَہ سُورِيائِي سيڄَ ٿِي.[ سُر ڪلياڻ - سُوري، ڪاتي ۽ زھر ]
- وَڻِجارا ويٺي، تو نَہ سَرَندِي شاھَ ري، مَکِ پَنھِنجي مَڪُڙِي، چَڱِي ڪَرِ چيٺي، پاسا پاکَڙِينَن جا، سَمُنڊُ ٿو سيڪي، جٖي…[ سُر سريراڳ - توڪل، جاڳ سجاڳ ]
- ھُئِي طالِبِ حَقَ جِي، توڏِي لاڪُون توڙَ، نَہ مَلاحُ نَہ مَڪُڙِي، نَڪِي ٻَڌي نوڙَ، پاڻِي پِنِيءَ ٻوڙَ، سُهڻِيءَ ليکي سِيرَ…[ سُر سھڻي - سانوڻ، سيارو گهڙي ۽ گهوري ]
- سُهڻِيءَ ليکي سِيرَ جو، پاڻِي پِنييءَ ھيٺِ، ٻَڌِئو بِرھَ بيٺِ وَڃي ڪَپِيندِي ڪُنَنِ کي.[ سُر سھڻي - سانوڻ، سيارو گهڙي ۽ گهوري ]
- مَري مَ ميھارُ، وَٿاڻُ وِلِهو مَ ٿِئي، وَڇُنِ جي وَڇارَ جو، وِنگو ٿِئي مَ وارُ، ساھَڙُ مُون سِينگارُ، ماڻُهنِ ليکي…[ سُر سھڻي - مينھون، چاھڪ، کرڪن ]
- اَدا اي ٻانڌِي ٻيٽَنِ وارا، اي ريٽَن وارا ڪِٿي پِرِيَنِ پارُ، ڪَنڌِيءَ ڪَندُمِ ڪارَڻِي، ساھَڙ ڄامُ سَتارُ، ساڻِي ٿيندو سِيرَ…[ سُر سھڻي - وايون ]
- پُنهون پِريشانُ، ھئَي ھئَي حالُ مُنھِنجو، مُون کي بُکَ بوتَنِ جِي، نَڪِي ڀايان نانُ، شَھَرُ صَحرا ڀانيان، مُون ليکي مَيدانُ،…[ سُر حسيني - وايون ]
- تَنِ اَکَڙِيُنِ اُتا سُکَ، کِلَندِي کَڻَنِ جَي، پِرِيَنِ پاپوھَڻَ سان، ڏُورِ ڪِئا سَڀَ ڏُکَ، ماڻُهنِ ليکي بُکَ، سامِي سُورَ سَنها…[ سُر پورب - سامي سنياسي ]
- سَڄَڻَ سَنيُون ڪَنِ، لوڪان ليکي ڏِنگِيُون، سَندِي سُپَيرِيَن، پَرِ پَرُوڙَڻُ ڏاکِڙو.[ سُر آسا - کَرُ ۽ حوصلو حيرت ]
- ڪَلمي مُون کي ڪِينَ ڪِئو، مُوران مُسلِمانُ، اَحمَدَ ڪونَہ آندو، عَرَبَ کان اِيمانُ، اِيءُ سِرُ آھي سُبحانُ، آدَمَ ليکي آدِمِي.[ سُر آسا - ترڪ، ڪلمو ۽ سرمو ]