شِڪارَ بابت
معنيٰ
جانورن، پکين يا مڇين کي ڦاسائڻ يا مارڻ جو ڪم.
Hunting, chase, shooting. Prey, game.
بيتن ۽ وائين ۾
- ساٿِيَنِ نَنڌا بارَ، تَنِ پانڌِيَنِ نَنڌا بارَ، توکي آرَسُ اَکِيُنِ ۾، پاتا پاڙي وارِيين پَڳَھَ ۾ پاتارَ، پَتَڻُ ٿو پُورَ…[ سُر سريراڳ - وايون ]
- ڪُرَھا جي ڪيھَرِ جا، ھيڪَلائِي ھَلَنِ، اَٿَنِ شَوقُ شِڪارَ جو، مارَڻُ آھينِ مَنِ، ڇڏِئو جَهنگُ مِرُنِ، ڪيھَرِ جي ڪُرَ واسَ…[ سُر ڪيڏارو - داستان پھريون ]
- عاشِقُ توءِ آزارَ سين، جي مَٿي وَڃي ڳِيجَهہ، جي ويٺو مَنجِهہ ڪُرِيزَ، توءِ سِيچاڻِي شِڪارَ سين.[ سُر ڪيڏارو - داستان پھريون ]