شَھزادَنِ بابت
معنيٰ
بادشاھ زادن، بادشاه جي ڄڻيلن، بادشاه جي پٽن، بادشاهي ٻارن.
King’s sons, princes.
بيتن ۽ وائين ۾
- ڏِٺو مُحَرَمُ ماهُ، ٿِئو سَنڪو شَھزادَنِ ۾، ڄاڻي ھيڪُ اللهُ، پاڻَ وَڻَندِيون جو ڪَري.[ سُر ڪيڏارو - ڏٺو محرم ماھ ]
- ڏِٺو مُحَرَمُ ماهُ، سَنڪو شَھزادَنِ ٿِئو، مَڪي مَدِيني ماڻُهين، رُنو مَٿي راھَ، تَنھِن واحِدَ کي واھَ، جو حُڪُمَ ھِھَڙائِي ڪَري.[ سُر ڪيڏارو - ڏٺو محرم ماھ ]