سِڄَ بابت
معنيٰ
سج، سورج، آفتاب، شمس، آڏِتِ، آدتيه، سُورِيه، مِھر. (ھن نظام شمسيءَ جو ستارو)
The sun
بيتن ۽ وائين ۾
- آئُون نَہ گَڏِي پِرِينءَ کي، تُون ٿو لَھين سِڄَ، آئُون جي ڏِيئِين سَنِيھَڙا، نيئِي پِريان ڏِجِ، وَڃِي ڪيچِ چَئِجِ، تَہ…[ سُر معذوري - نہ گڏجڻ ۽ وڻين چڙهڻ ]
- ڪَري سُڃَ سَنجهي وِئا، اُٿِيَسِ آئُون اَويرَ، لَڙِيي سِڄَ لَطِيفُ چئَي، پيئي کَڻان پيرَ، ڀَلي ڏَمَرِئا ڏيرَ، جِنِ واري نِينھَن…[ سُر ديسي - جت، اُٺ ۽ ڌاريا ]
- لَڙُ مَ لاڙائُو ٿِئو، ھَلِي ڪَرِ ھِمَٿَ، سِڄُ سامُهُون مُنھَن ۾، ڪَھَ ۾ ڪِجِ مَ ڪَٿَ، سُپيرِيان جي سَٿَ، ڳاڙهي…[ سُر حسيني - لَڙُ مَ لاڙائُو، جِيءُ ۽ آتڻ ]
- اُلَھِي سِڄَ اَويرَ ڪِي، ڏِٺائِين ڏُونگَرُ، سَسُئِيءَ کي سَيِّدُ چئَي، سُورَنِ جو سَمَرُ، ڪُٺَلِ رَکِئو ڪَرُ، ويچارِيءَ وَڻِڪارَ تي.[ سُر حسيني - لَڙُ مَ لاڙائُو، جِيءُ ۽ آتڻ ]
- اُلَھِي سِڄَ اَويرَ، مَ ڪَرِ مَعذُورِنِ تي، پَسِي مَران پيرَ، ڏُونگَرِ ٻاروچَنِ جا.[ سُر حسيني - لَڙُ مَ لاڙائُو، جِيءُ ۽ آتڻ ]
- وِئو ٻاروچو نِڪِرِي، ھاڻي ڪَرِيان ڪِيئَن، سِڄَ اُلَٿي سِيئَن، سَٽُون ڏِيندِيَسِ سُڃَ ۾.[ سُر حسيني - لَڙُ مَ لاڙائُو، جِيءُ ۽ آتڻ ]
- سِڄَ اُلَٿي سَسُئِي، رَتَ وَرَنو روءِ، نَہ پَھِي نَہ پانڌِي ڪو، جَنھِن ڪَرَ پُڇي لوءِ، مُوڙِھِي وَڃي توءِ، موٽَڻَ جِي…[ سُر حسيني - لَڙُ مَ لاڙائُو، جِيءُ ۽ آتڻ ]
- ڪالَهہ گَڏِيوسُون ڪاپَڙِي، پَھَرَ سِڄَ کان پوءِ، پَسو سُونھَن سامِيءَ جِي، رَتُ وَرِنو روءِ، جو مُنھِن مُومَلَ جي پوءِ، موٽَڻُ…[ سُر راڻو - خابرو ڪاپڙي ۽ گُجر ]
- جوڳِيءَ تي جَڙاءُ، نِسورو ئِي نِينھَن جو، پَتَنگَ جِيئَن پَيدا ٿِئو، سامِي سِڄَ وَڙاءُ، آيو ڪاڪِ تَڙاءُ، ڪُنوارِنِ ڪَڪورِئو.[ سُر راڻو - ھلو ھلو ڪاڪ ۽ ڀُونءِ ]
- جِتي عَرشُ نَہ اُڀُ ڪو، زَمِينَ ناھِ ذَرو، نَڪو چاڙاھو چَنڊَ جو، نَڪو سِڄَ سَرو، اُتي آديسِيَنِ جو، لَڳو دَنگُ…[ سُر رامڪلي - الله، آدم، جوڳي ۽ سنياسي ]
- جِھَڙِي سِڄَ ڪَڪورَ، تِھَڙِي مي اَکِيُنِ ۾، ڪِينجُهرَ ٻِنِهي ڪَنڌِيين، مييُون ٽِلَنِ مورَ، تَماچِيءَ تَنبُورَ، راتِ وَڄايا ريلَ ۾.[ سُر ڪاموڏ - تڙ تماچِي آيو ]