سُڃِي بابت
معنيٰ
ٻُڙِي، ڀينگيي، ڪنگال. مفلس، بُکي، محتاج. برباد. بيابان، صحرا، رڻ پٽ، بَرُ.
Desolate, waste, uninhabited, needy, penniless, necessitous, miserly. Nothingnees.
بيتن ۽ وائين ۾
- ڏيرَ ڏَمَرِجِي ھَلِئا، پائي اينڊَ پَلاڻَ، وِجِهي گورِبَندَ گُنگَنِ کي، ڏيئِي تَنگنِ تاڻَ، ڪارُون ڪِيَمِ ڪيتِرا، سَنجهي وِئا سَرواڻَ، پُنهون…[ سُر ديسي - ڏيرن جو ڏمر ]
- اَڱَڻَ اُھيئِي، جَتَ نَہ پَسان جُوءِ ۾، اوطاقُون اُٺَنِ ري، سُڃِيُون سَڀَيئِي، اَکڙِيُون روئِي، ماڳَ نِھاري موٽِيُون.[ سُر ديسي - جت، اُٺ ۽ ڌاريا ]
- اَڄُ پُڻ وَسائِي اوٺِيين، مَٿي مارَڳَ ماڪَ، پُنهون نِيائُون پاڻَ سين، تاڙِيُون ڀَڃي تاڪَ، هَيْھَاتَ هَيْھَاتَ لِمَا تُوعَدُونَ سُڃِي ٿِي…[ سُر ديسي - وديسي وَرُ ]
- جاڳي جاڳي سَسُئِي، جان ھيجان ھَٿَ وِڌاءِ، سيڄَ سُڃِي پِرِينءَ ريءَ، پُنهون پَٿَرِ ناھِ، اُٿِيندي چَياءِ، گهوڙا گهَرِ نَہ سُپِرِين.[ سُر ديسي - جبل ڏي نہ جواب ]
- لُوٺِيَسِ لُڊاڻي، پَسان جو پِرِيَنِ ري، جيڏِيُون جيھائِي ڪِي، سيڄَ سُڃِي راڻي، ھَلِبو ھاڻي، ويرا ڪاڪِ وِھُ ٿِي.[ سُر راڻو - ڏِيئا، تيل ۽ مھمان ]