سُمَهاري بابت
معنيٰ
ننڊ ۾ وجهي، ليٽائي، سمهڻ جي حالت ۾ ڪرائي.
Sleep, slept.
بيتن ۽ وائين ۾
- اُٿِيو ۽ اُٿِياڪُ، ڪالهوڪو ڪاڏي گَيو، وِئو جاڳائِي جيڏِيُون، بِرھُ ھو بيباڪُ، چُرڦُر ڪاري چاڪُ، سُورُ سُمَهاري ڪِينَ ڪِي.[ سُر حسيني - سؤُ سُک ۽ طالب، تات ]
- سَڄَڻُ سِينگاري، ڪِئائُون مُھاڙَ مُقامَ ڏي، کَڻِي کَٽولو ھَلِئا، لوڪان نِظاري، لاٿائُون لَطِيفُ چئَي، قَبَرَ ڪِناري، سَنئُون سُمَهاري، نيئِي ڌَرِيندا…[ سُر بروو سنڌي - صُورت فانِي ۽ مڙه مقام ]