سَڀَتِ بابت
معنيٰ
هر هنڌ، جاءِ بجاءِ، هر طرف. سڀ ڪنھن نموني، هر ڪنھن طرح، هر طرف، سڀ ڪنھن رستي. سڀ ۾.
Everywhere. In every way, in every direction, in all.
بيتن ۽ وائين ۾
- سَڀَتِ پَچَرَ پِرِينءَ جِي، سَڀَتِ ھوتُ حُضُورُ، مُلڪُ مِڙيئِي مَنصُورُ، ڪُھِي ڪُھِبا ڪيتِرا.[ سُر سھڻي - تران، سڀت، ڏٺي ڏينھن ]
- ڀَڄِي جانۡ ڀَنڀورَ کان، ڏُونگَرُ ڏورِئو مُون، ڪاھي رَسِيَسِ ڪيچَ کي، جِتي پاڻَ پُنهون، سَڀَتِ آھِين تُون، قَضا ڪَندين ڪَنِ…[ سُر آبڙي - سڀ ڪجهہ سندي اندر ]
- تَڙِ تَماچِي آيو، سَڀَتِ ٿِي صَلاحَ، مورُ مَرَڪِي ھَلِئو، سَندو راڻِنِ راءُ، لَٿِي لُکَ لَطِيفُ چئَي، ڪِئو شَمسَ شُعاعُ، پِيڙِھِيءَ…[ سُر ڪاموڏ - تڙ تماچِي آيو ]